ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن طرفان ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، ڌرڻو

خيرپور/ ڪنب/ راڻيپور (رپورٽ:شاهد نواز سيال/ خدا بخش تمراڻي/ فياض حسين راڄپر ) ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪيو ويو، مھراڻ نيشنل ھاءِ وي تي ننگريجا  ويجھو ون ٽو فائي موٽرسائيڪل سوار نامعلوم ھٿياربندن پويان اچي راڻي پور کان ٽالپروڏا ويندڙ موٽرسائيڪل سوار وڪيل مهر ۽ سندس پيءَ کي کين روڪي ڦر جي ڪوشش ڪئي جنھن بعد وڪيل  احمد مهر مزاحمت ڪئي جنھن تي ھٿياربندن ھٿيارن جا منھن کولي کيس کي گوليون هڻي قتل ڪري وڏي آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پي پي ايڇ آءِ اسپتال ڪنب ايمبولنيس لاءِ پهتا ته ايمبولنيس جو ڊرائيور موجود نه هو. جنھن جي ڪري مارجي ويل نوجوان جو لاش ٻن ڪلاڪن تائين روڊ تي پيو رهيو جنھن بعد پوليس ۽ وارث واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي ڪنب اسپتال پھچايو، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي زخمي غلام حيدر مهر ٻڌايو ته پٽ وڪيل مهر سان گڏ راڻيپور مان پگهار وٺي ٽالپر وڏا ڳوٺ الھ بخش مهر وڃي رهيا هئاسين ته ٻن نامعلوم ون ٽو فائي سوار هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي منهجي پٽ وڪيل کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ مونکي زخمي ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏھن ته قتل ٿي ويل نوجوان وڪيل مھر جي وارثن پاران نوجوان جو لاش رکي ننگريجا اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي جي اڳواڻي غلام حيدر، محمد بخش، الھداد ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، انھن چيو ته قاتلن کي فوري گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي انصاف فراھم ڪيو وڃي. ھتي لاان آڊر جي ڪا به پوزيشن نظر نه پئي اچي. ڇا ڪاڻ جو ڏينھن ڏٺي جو سرعام مين ھائي وي تان وڏي ديدادليري سان ڦرون ٿي رھيون آھن. پر ھتي ڪو به تحفظ نه آھي، اسان کي ڪو به ريليف نه ٿو ڏنو وڃي جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا تيستائين ڌرڻو ختم نه ٿيندو جنھن بعد ايس ايس پي خيرپور ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري کين قاتلن جي جلد گرفتاريءَ جي يقين ڌيانيءَ تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.