جهوڪ شريف: سنڌ هاري ڪاميٽي جو مهانگائي،بدامني خلاف ڌرڻو

جهوڪ شريف (ن ع آ) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ڳاٽي ٽور مهانگائي، ڌاڙيل ڪلچر ۽ سنڌ ۾ امن بحال ڪرائڻ لاءِ ثمرحيدر جتوئي، احمدنواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ ڪري سجاول ٽنڊو محمدخان روڊ تي ڌرڻو هنيو  ويو احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو امن هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي،  ماڻهو پاڻ کي محفوظ نه ٿا سمجهن، روزاني جي بنياد تي ماڻهو اغوا ڪيا پيا وڃن رياست جي رٽ ڏسڻ ۾ نٿي اچي ڌاڙيل کي ڇوٽ ڏني وئي آهي سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر خلاف گرينڊ آپريشن ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي قانون کان مٿانهون ڪو به قدم برداشت نه ڪنداسين، سمورن اغوا ٿيل ڌرتي ڌڻين جي آزادي جو مطالبو ڪيون ٿا، اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾  مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو حڪمرانن ڪرپشن ڪري معيشيت تباهه ڪري ڇڏي آهي حڪمران وٽ هاڻي ڪو به معاشي پلان ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.