اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايمان مزاري کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان اڳ عدالت کي آگاهه ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آهي. سومر ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ايمان مزاري جي حفاظتي ضمانت ۽ ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل مؤقف اختيار ڪيو ته صوبائي حڪومتن کي ايمان مزاري خلاف داخل ڪيسن جي تفصيل لاءِ فيڪس ۽ واٽس ايپ ڪري ڇڏيو آهي. ايمان مزاريءَ کي رياست مخالف بيان بازيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته ڪيس اُڪلائي رهيا آهيون، جيڪڏهن. عدالت ايمان مزاري جي درخواست هدايتن سان گڏ اُڪلائي ڇڏي.