ايس ايس پي اي وي ايل سي آفيس جي ڇت ڪري پئي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ايس ايس پي اي وي ايل سي آفيس جي ڇت ڪري پئي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي زخمي ٿي پيا، پوليس اختيارين موجب ايس ايس پي آفيس جي ڇت 6 مهينا اڳ مرمت ڪئي وئي هئي، ڪراچي ۾ اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل (اي وي ايل سي) آفيس جي ڇت ڪرڻ سبب ٻه پوليس آفيسر زخمي ٿي پيا، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ايس ايس پي عبدالرحيم شيرازي ۽ ڊي ايس پي ڪمبو خان زخمي ٿي پيا آهن، اختيارين جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي کي مٿي ۽ جسم جي مختلف حصن تي سخت زخم آيا آهن، کيس خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن.

اورنگي ٽائون ۾ گهٽي جي زمين تي اڏاوت، رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اورنگي ٽائون سيڪٽر11سي ۾ گهٽي جي  زمين تي غيرقانوني   اڌاوت واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪي ايم سي ۽ ايس بي سي سميت ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس عقيل احمد عباسي جو چوڻ ته ڪي ايم سي گهٽين جي زمين به ليز تي ڏئي رهي آهي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته اورنگي سيڪٽر 11 ۾ بااثر ماڻهو غيرقانوني اڏاوت ڪري رهيا آهن هن اڏاوت کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پرويز الاهيءَ  جي گرفتاري خلاف درخواست ٻيهر ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهيءَ کي ايم پي او 3 تحت گرفتاري خلاف درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض دُور ڪندي  نمبر لڳائي ٻيهر ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سومر ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگير، پرويز الاهي جي ايم پي او 3 تحت گرفتاريءَ خلاف ڪيس تي ٻُڌڻي ڪئي.

بجلي اگهن ۾ واڌ جي درخواست توانائي وزارت ڪئي: ڪي اليڪٽرڪ

اسلام آباد (م ڊ)ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته بجلي جي قيمتن تي موجوده درخواست توانائي واري وزارت پاور ڊويزن  طرفان ملڪ ۾ اگهه برابر رکڻ لاءِ ڪئي وئي آهي، بجلي جي اگهن ۽ ٽيڪسز جو تعين ڪرڻ جي ذميداري حڪومت وٽ آهي. هن چيو ته انفرادي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بجلي جي اگهن ۾ تبديلي جو اختيار نٿيون رکن. ترجمان ڪي اليڪٽرڪ ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اگهه ۾ ردوبدل ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ٻُڌڻيءَ کان پوءِ حتمي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، جنهن تي ملڪي قانون تحت ڪي اليڪٽرڪ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جو پابند هوندو .

اي اين ايف جون مختلف شهرن ۾ ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، سڄي ملڪ ۾ اي اين ايف پاران  منشيات خلاف ڪارروايون جاري آهن، مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪندي 29 ڪلو 200 گرام چرس، 480 گرام آئس ، 464 منشيات جون گوريون، هيروئن سان ڀريل 86 آئس ڪيپسول هٿ ڪيا ويا، اي اين ايف جي ترجمان موجب دبئي کان ڪراچي موڪليل ڪنٽينر مان شراب جون 8520 بوتلون هٿ ڪيون ويون، ترجمان جو چوڻ آهي ته سمورا آپريشن ڪراچي، اسلام آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، پشاور ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪيا ويا، ترجمان موجب سمورن جوابدارن خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.