چونڊن بابت فيصلو آئين مطابق ٿيڻ گهرجي: صدر علوي

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانون ۽ انصاف واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون منعقد ڪرڻ بابت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  صدر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪالهه جي ان بيان کي ساراهيو جنهن ۾ هن چيو هو ته نگران حڪومت ان معاملي تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي جي پاسداري ڪندي. صدر آئين جي بالادستي کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته فيصلا آئين جي روح موجب ٿيڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.