سعودي،وچ اوڀر مان 25،25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ايندي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت بجلي چورن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کڻندي، بجلي جون رهتون نه ڏيندڙن جي خلاف صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي فوري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ، رهتون نه ڏيندڙن ۽ بجلي چورن جي خلاف ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڪئي وڃي، ننڍي هائيڊل منصوبن جي لاءِ ماهرن جي رهنمائي ۾منصوبا ٺاهي پيش ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪالهه سومر ڏينهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بجلي جي شعبي جو جائزه اجلاس ٿيوان موقعي تي نگران وزيراعظم کي بجلي جي شعبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، هن  چيو ته حڪومت بجلي چورن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کڻندي، بجلي جي ايندڙ پيداواري منصوبن ۾ قابل تجديد ۽ هائيڊل ذريعن کي ترجيح ڏني وڃي. هن هدايت ڪئي ته ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نقصانن ۾ گهٽتائي جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، ٽرانسفارمر ميٽرنگ جو منصوبو لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي، بجلي جون رهتون نه ڏيندڙن جي خلاف صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي فوري طور تي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.