حريم شاهه جو مڙس ڪٿي آهي؟ پوليس ۽ واڳيل ادارن کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ناليواري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه جي  آزادي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيو ته بلال شاهه ڪٿي آهي؟  عدالت  پوليس سميت واڳيل ادارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي ۽ ٻين کي لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، بلال شاهه جي مبينا اغوا خلاف داخل ڪرايل درخواست ۾ سندس ماءُ موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي پٽ کي 26 آگسٽ تي اڻڄاتل ماڻهو مين ڪورنگي روڊ تان اغوا ڪري ويا، منهنجي پٽ خلاف ڪو به ڪيس داخل ٿيل نه آهي، عدالت کان کيس فوري طور  آزاد ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي ، حريم شاهه پاران به مڙس جي آزادي لاءِ عدالت کي اپيل ڪئي آهي ته منهنجو مڙس هفتو اڳ لنڊنم کان ڪراچي پهتو پوءِ گم ٿي ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.