ڊاڪٽر عاصم کي رليف، ريفرنس واپس نيب چيئرمين حوالي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف 17 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جي درخواست  منظور ڪري ورتي، عدالت ريفرنس واپس نيب جي چئيرمين کي موڪلي ڇڏيو، ڊاڪٽر عاصم حسين سميت ٻين پاران احتساب عدالت جي اختيارن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو، درخواستگذار جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ آهي ته نئين قانون موجب هي ريفرنس احتساب عدالت جي دائري اختيار ۾ نٿو اچي، هي ريفرنس بنيادي طور تي اختيارن جو غلط استعمال آهي، قانون موجب هي ثابت ڪرڻ آهي ته اختيارن جو استعمال ڪندڙ ڪو فائدو وٺندو رهيو آهي، وڪيل وڌيڪ چيو ته سوئي ڊي سي ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني سرڪاري ادارا آهن، گئس ڏيڻ ۾ ڊاڪٽر عاصم سميت ٻين ڪو به غير قانوني ڪم نه ڪيو آهي، 17ارب رپين جي ڪرپشن جي جي وي ايل ريفرنس خلاف قانون آهي، نيب جي وڪيل چيو ته اسان  پارليامينٽ جي حق کان انڪار نه ڪيو آهي پر ڊاڪٽر عاصم جي بريت جي خلاف آهيون، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته نئون قانون اچي ويو آهي انڪري قانون سازي ڪرڻ پارليمنٽ جو حق آهي .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.