بصر ڪٽڻ وقت ڳوڙها ڇو وهندا آهن؟

بصر جو استعمال ته انسان صدين کان ڪري رهيو اهي ۽ چيو ويندو آهي ته قديم مصر ۾ ان جي تبادت به ڪئي ويندي هئي.
لڳ ڀڳ هر کاڌي جي تياري لاءِ ان کي استعمال ڪيو ويندو آهي.
پر ان کي ڪٽيندي ماڻهو ڳوڙها وهائڻ تي ڇو مجبور ٿي ويندا آهن؟
حقيقت ڪاٽيندڙ سان گڏ ڀرسان موجود ماڻهن جا به ڳوڙها نڪري پوندا آهن.
جڏهن بصر کي ڪٽيو ويندو آهي ته ان مان مختلف مرڪب نڪرندا آهن جهڙوڪ allinase enzymes ۽ sulfoxides جيڪي sulfenic acid جي شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن.
اهي ايسڊ بصر جي تيز بوءِ سبب جو سبب بڻبا آهن ۽ ان جري ڪري اسان ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ٿي ويندا آهيون.
اهي ايسڊ هوا ۾ هڪ گيس syn-propanethial-S-oxide جي شڪل اختيار ڪري وٺندا اهن ۽ اها گيس جڏهن اسان جي اکين ۾ پهچندي آهي ته سڀ کان پهريان اک جي پردي سان ٽڪرائجندي آهي.
جڏهن اها گيس اتي پهچندي آهي ته اک جي پردي ۾ موجود فائبر سرگرم ٿي غدود کي چوندو آهي ته ان کي وهائي خارج ڪري ڇڏي.
ان جي نتيجي ۾ هر هر پنبڻيون کلڻ ۽ بند ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ ڳوڙها ٺهندا آهن جيڪي ان گيس کي وهائي خارج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن.
حقيقت ۾ بصر کي ڪٽن کان پوءِ رڳو 30 سيڪنڊن ۾ ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويندا آهن.
جيڪڏهن بصر ڪٽن دوران ڳوڙها وهائڻ کان بچڻ چاهيو ٿا ته ان ڀاڄي کي ڪٽن کان اڳ ٿڌو ڪري ڇڏيو جنهن سان ڪيميائي ردعمل تبديل ٿي ويندو آهي ۽ گھٽ گيس خارج ٿيندي آهي.
هڪ طريقو اهو آهي ته بصر ڪٽن وقت وات ۾ ڊبل روٽي جو هڪ ٽڪر رکي ڇڏيو، اهو ٽڪر گيس جي گھڻي حصي کي پنهنجي اندر جذب ڪري وٺندو.
اهڙيءَ طرح بصر ڪٽڻ دوران چيوئنگم چٻاڙڻ سان به ڳوڙها وهڻ کان بچڻ ۾ ڪنهن حد تائين مدد ملي سگھي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.