ڏينهن جو ٿوري ننڊ ڪرڻ ڇو ضروري آهي؟

ٿوري ننڊ جنهن کي اڪثر power naps چيو ويندو آهي، حقيقت ۾ دماغ لاءِ گھڻي فائديمند هوندي آهي.

حاضر دماغي:تقريبن 10 کان 30 منٽن جي ٿوري ننڊ ڏينهن وقت ڦڙت رهڻ ۾ مدد ڪندي آهي. اها فوري ذهني ريچارج جي طور تي ڪم ڪندي آهي ۽ پيداواري صلاحيت کي وڌائيندي آهي.

بهتر يادداشت ۽ سکڻ جي صلاحيت:مطالعن مان خبر پوي ٿي ته ڏينهن جي وقت ٿوري ننڊ يادداشت جي استحڪام کي بهتر بڻائي سگھي ٿي ۽ ڄاڻ کي بهتر طريقي سان برقرار رکن ۽ سکڻ جي عمل کي سولو بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي.

موڊ ۾ بهتري:ڏينهن جي وقت ٿوري ننڊ ذهني دٻاءَ کي گھٽائڻ ۽ آرام وڌائي موڊ تي هاڪاري اثر وجهندي اهي. وڌيڪ اهو ته اها جذبن کي منظم ڪرڻ ۾ به مدد ڪندي آهي ۽ وڌيڪ هاڪاري نقطه نظر اپنائڻ کي هٿي ڏيندي آهي.

ٿَڪَ ۾ گھٽتائي:ٿوري ننڊ ڪرڻ سان ٿڪ جي احساس کي ختم ڪري سگھجي ٿو، خاص طور تي منجهند جي مصروف وقت دوران. اها توانائي جي سطح ۾ اضافو ۽ سڄو ڏينهن گڏيل طور تي بهتر ڪارڪردگي جو سبب بڻجي سگھي ٿي.

عملي صلاحيت: ٿوري ننڊ به علمي صلاحيتن ۾ بهتري آڻي سگھي ٿي، جن ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي مهارت، تخليقي صلاحيت ۽ فيصلي سازي شامل آهي.

پر واضح رهي ته ننڊ جو وقت ۽ گھڻو اهم آهي گھڻي دير تائين سمهڻ يعني 30 منٽن يا هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ سمهي اٿڻ تي بيزاري ٿي سگھي ٿي ۽ امڪاني طور تي رات جي ننڊ ۾ خخل پئجي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.