آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ نئين تحقيق ۾ طبي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته سخت گرمي ٻين بيمارين جيان حمل ضايع ٿيڻ جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.
آمريڪا ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ سخت گرم موسم ۾ ڳورهاري عورتن کي احتياط جي صلاح ڏني وئي آهي، ڇو ته ماهرن جي نظر ۾ بي احتياطي حمل ۾ ڏکيائين جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.
تحقيق ۾ شامل ڊاڪٽر سجاٿا ريڊي موجب سخت گرم موسم حمل ضايع ٿيڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي، تنهن ڪري ڳورهاري عورتن کي ان دوران ۾ جسم کي ٿڌو رکڻ لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ گهرجن.
نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جارجيا ۾ 4 يا وڌيڪ ڏينهن رهندڙ سخت گرم موسم وقت کان اڳ ٻار جي پيدائش جو سبب بڻي، گرمي پد ۾ واڌ سان 37 هفتن کان به گهٽ وقت ۾ وقت کان اڳ پيدائش جهڙن واقعن ۾ واڌ ٿي.
نئين تحقيق موجب آمريڪا ۾ سخت گرمي جي لهر لکن جي انگ ۾ ڳورهاري عورتن کي متاثر ڪري رهي آهي پر ماهر متفق آهن ته ڪجهه احتياط سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي خطري کان بچائي سگهجي ٿو.
طبي ماهرن طرفان ڳورهاري عورتن کي ڏنل مشورن موجب اهي سوڙها ڪپڙا پائڻ کان پاسو ڪن، پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪن، اُس ۾ نه نڪرن.
usa health awamiawaz