ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙعدالت جي انتظامي جج جي عدالت ۾ مبينا ٽائون ۾ پوليس موبائل کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي پيش ڪيو ويو .عدالت حليم عادل شيخ کي 3ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي .عدالت پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مهانگائي سبب عوام هڙتال ڪري رهيو آهي .ڪچي ۾ ڌاڙيل آزاد آهن۽ اسان گرفتارآهيون، 6سيپٽمبر کي شان شوڪت سان ملهايو ويندو .چيئرمين تحريڪ انصاف چيو آهي ته فوج مون کان اهم آهي .