ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري ريفرنس ڪيس ۾ اڳوڻو صوبائي اسيمبلي اسپيڪر آغاسراج دراني سميت ٻيا پيش ٿيا،عدالت آغاسراج دراني جي ضمانت واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ،آغاسراج دراني جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ نيب جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي .آغاسراج دراني جي وڪيل چيو ته آغاسراج دراني سال کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي جيل ۾ آهي .پراسيڪيوشن دير جا حربااستعمال ڪري رهي آهي، هڪ سال ۾ صرف ٻه شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا.عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغاسراج دراني چيو ته منهنجي حليم عادل شيخ سان ملاقات ٿي آهي،جيل جي قيدين تي زرداري صاحب جي مهرباني آهي جن کي سٺو کاڌو ملي رهيو آهي .هن چيو پ پ حليم عادل شيخ کي ڇو قتل ڪندي،مون کي حليم عادل شيخ ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه نٿي لڳي،هن چيو ته هرحڪومت مهانگائي ڪندي آهي جنهن جو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ شين جي اگهن ۾ واڌ آهي .ان ڪري اسان حڪومت کي الزام نٿا ڏئي سگهون ،مون کي خبر ناهي ته بجلي فري ملندي آهي يا نه مان اسپيڪر هئس ته بجلي بل ڏيندوهوس .هن چيو بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سبب غريب ماڻهو پريشان آهن پ پ جي حڪومت ايندي ته بجلي سستي ڪنداسين .