پرويز الاهي جي نظربندي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي: پاڪستان بار

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پرويز الاهي جي ايم پي او تحت نظربندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٻيهر گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي. پاڪستان بار ڪائونسل چيو آهي ته گرفتاري قانون جي حڪمراني، سياسي منظرنامي ۾ طاقت جي استعمال تي سوال اٿاريو آهي. آئين جي بالادستي ۽ قانون جي بالادستي کي برقرار رکڻ لاءِ  عدالت جي حڪمن تي هر ڪنهن کي عمل ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.