ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير سردار اختر مينگل صوبي جي سمورن سياسي پارٽين کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جمهوري تحريڪ هلائڻ جي دعوت ڏني آهي. سردار اختر مينگل چيو ته بلوچستان ۾ رهندڙ سمورين قومن جي اها ذميواري آهي ته هو قربانيءَ جو جذبو پيدا ڪن، جن قربانيون ڏنيون آهن، انهن جي عزت ۽ وقار لاءِ فڪرمند آهيون.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا جي ريلوي هاڪي گرائونڊ ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جي ٻي ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.سردار اختر مينگل چيو ته سردار عطاءُ الله مينگل قيد جون سختيون برداشت ڪيون، ان دور جي سياست ۽ اڄ جي سياست ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، اسان کي پنهنجي بزرگن جي سوچ ۽ فڪر تي عمل ڪرڻو پوندو.بي اين پي سربراهه چيو ته اسان جي ماڻهن کي عدالتن ۾ به انصاف نٿو ملي.هن چيو ته ايمان مزاري ۽ علي وزير جو ڪهڙو ڏوهه هو، هڪ ڪيس ۾ آزاد ۽ ٻئي ڪيس ۾ پڪڙيا ويا آهن.سردار اختر مينگل وڌيڪ چيو ته هن ملڪ ۽ ان جي ايندڙ نسلن تي رحم ڪري ان کي ليبارٽري نه بڻايو وڃي، ملڪ جي معيشت جي حالت اهڙي آهي جو امداد پنهنجي جاءِ تي ڪو خيرات ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، غلط پاليسين جي ڪري ملڪ کي دنيا ۾ اڪيلو ڪيو ويو آهي.سردار اخترمنگل چيو ته چون ٿا گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڇو ٿا ڪريو، توهان ٻڌايو ته ڪنهن جي ڳالهه ڪجي؟ توهان ڪنهن جي جگر ٽڪڙو نه کنڀيو، ڪنهن جي گهر کي تباهه نه ڪريو، اسان نه ڳالهائينداسين.