بجلي جي ڳرن بلن خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هڙتال، مظاهرا

اسلام آباد(م ڊ) بجلي جي ڳرن بلن خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هڙتال، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد، ملتان، ڪوئيٽا، پشاور،گوجرانوالا، سيالڪوٽ، جهنگ، جهلم، جهانيان، شڪرڳڙهه، چمن، پشين، قلعه سيف الله، زوب، لورالائي، زيارت، هرنائي ،شانگله، بشام، الپوري، پورن، سوات، مينگورا، دير تيمر گره، مالاڪنڊ، بٽ خيله، هزاره ڊويزن، ڪوهستان، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور،  سميت ننڍا وڏا شهر بند رهيا، جڏهن ته روڊن تان پبلڪ ٽرانسپورٽ به غائب رهي، آل پاڪستان ٽريڊرز ايسوسي ايشن جي صدر اشرف ڀٽي چيو ته اڄ سڄي پاڪستان ۾ واپارين پاران بجلي جي اضافي بلن ۽ ناجائز ٽيڪسن خلاف شٽر ڊائون هڙتال ڪئي پئي وڃي.ٽرانسپورٽ يونين جي صدر سلطان خان چيو ته ماڻهن وٽ هاڻي مايوسي ۽ پاڻ کي نقصان پهچائڻ جي سوچن کانسواءِ ڪجهه به ناهي بچيو،هوڏانهن جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪامياب هڙتال تي عوام جا ٿورائتا آهيون، بجلي بلن ۽ مهانگائي سبب هر شهري پريشان آهي، اسان هن تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪنداسين، عوام کي رليف ڏيڻ رياست جو فرض آهي، حڪومت ذميواري پوري ڪري.

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا )ڳرن بجلي بلن خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي سنڌ ۾ هڙتال،مظاهرا، بلن کي باهه، تفصيل موجب   ڪراچي ۾مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي ملڪگير شٽربند ھڙتال جي سڏ تي ڪراچي ۾ واپارين جي شٽر بند هڙتال سبب شهر جون هول سيل ۽ وڏيون بازارون بند رهيون، پر ڀرپاسي جي سطح تي ننڍا وڏا دڪان کليل رهيا، تفصيل موجب ٽريڊرز ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شهر جون سموريون مرڪزي ۽ وڏيون بازارون مڪمل بند رهيون، جن ۾ جوڙيا بازار، وڏي  مارڪيٽ، ڪپڙو مارڪيٽ، پان منڊي، ايم اي جناح روڊ لائيٽ هائوس مارڪيٽ شامل آهن. صبح جو لائيٽ هائوس مارڪيٽ ۾ به هڙتال تي ويٺل واپارين ڪي اليڪٽرڪ ۽ مهانگائي خلاف نعريبازي ڪئي، شٽر بند هڙتال سبب بوهري بازار، اليڪٽرانڪس مارڪيٽ، ڪوآپريٽو مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ، صدر ايمپريس مارڪيٽ، گل پلازه، دوائون مارڪيٽ، ڄام ڪپڙو آرامده. فرنيچر مارڪيٽ بند ٿي ويون اهڙي طرح لياقت آباد، حيدري، طارق روڊ، بهادر آباد، ڪريم آباد، گلستان جوهر، گلبهار سينٽري مارڪيٽ، نيو ايم اي جناح روڊ ۽ خالد بن وليد روڊ جون ڪار شو روم مارڪيٽون ۽ واٽر پمپ مارڪيٽون به بند رهيون. هڙتال جي سڏ تي کارادر لياري کڏا مارڪيٽ، نيا آباد، لي مارڪيٽ، ٽاور، عيد گاهه، اردو بازار، موتن داس مارڪيٽ، برنس روڊ، اڪبر روڊ موٽرسائيڪل ۽ اسپيئر پارٽس مارڪيٽ پڻ بند رهي،جماعت اسلامي جي ترجمان موجب  حيدر آباد، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ، ٺل، گھارو، ٺٽو، بدين ، مٺي، اسلام ڪوٽ ، ٽي ايم خان، شھدادپور ،ميرپورخاص ، ڪشمور، نواب شاھ، اوٻاوڙو ، ٽنڊوآدم ، ٽنڊو الهيار، عمرڪوٽ ، ڪنري، سميت سموري سنڌ ۾ پڻ مڪمل ھڙتال ڪئي وئي جڏھن ته جماعت اسلامي طرفان مختلف شھرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ ڌرڻا پڻ لڳايا ويا آھن. جن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي صوبائي توڙي مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو. اڳواڻن بجلي بلن ۾ واڌ،پيٽرول توڙي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جي خاتمي جي گھر ڪئي.سکر۾ مرڪزي اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو جي اڳواڻي ريلي ڪڍي سڄي شھر جو گشت ڪري گھنٽا گھر چوڪ تي ڌرڻوھنيو ويو. مولانا ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته مھانگائي سبب غريب ماڻھو جو گذرسفر به مشڪل ٿي ويو آھي روزانه جي بنياد تي ٽيڪس مڙھي عوام جي چيلهه چٻي ڪئي پئي وڃي، سموري دنيا ۾ سال ۾  بجيٽ ھڪ  دفعي پيش ٿيندي آھي پر پاڪستان واحد ملڪ آھي 365 ڏينھن بجيٽ پيش ٿيندي آھي . واپاري اڳواڻ جاويد ميمڻ، ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر قربان ملاڻو، ريلوي پريم يونين جي خير محمد تنيو، ضلعي توڙي مقامي امير مولانا حزب الله جکرو ،زبير حفيظ شيخ گھر ڪندي چيو ته 550 ارب جي بجلي چوري ء 500اربن جي لائن لاسز توڙي ڪرپشن تي ضابطو آڻي بجلي بلن ۾ ظالماڻو اضافو ختم ڪري عوام کي ريليف ڏنو وڃي،حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مولانا عبدالوحيد قريشي، عقيل احمد، ظهيراحمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نوابشاهه ۾ جماعت اسلامي ۽ نوابشاهه تاجر اتحاد پاران اعلانيل شٽر بند هڙتال کي عوام ۽ ڪاروباري حلقن پاران زبردست موٽ ڏني وئي شهر ۾ اڪثر ڪاروباري ۽ علائقا بند رهيون ، سرور احمد قريشي، منير کوکر، ستار قريشي، ديدار رند، غوث بخش انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين واپارين شهرين ڌرڻو هنيو صبح سوير کان لڳل ڌرڻو شديد گرمي ڪاڙهي باوجود ٽاڪ منجهد تائين جاري رهيو رتوديرو ۾ بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي شھر ۾ جزوي ھڙتال ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جڏھن ته جماعت اسلامي رتوديرو جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان ريلي ڪڍي شھر جو گشت پڻ ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن مولانا ظھور احمد منصوري ، حافظ انعام الدين ميراڻي ، طاھر غازي ، محمد حنيف جمالي ، گلشير احمد جکراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو،سڪرنڊ ۾ به شٽربند هڙتال ڪئي وئي شھر جي مک شاھي بازار نوابشاھ روڊ محرابپور روڊ قاضي احمد روڊ تي قائم ڪاروبار مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته جماعت اسلامي پاران ڪنور راشد مڪرم عاشق پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ چانڊيا پيٽرول پمپ کان ميڊيا سينٽر چونڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي شھري اتحاد جي اڳوڻي صدر مراد خانزاده سرپرستي اعلي سيد احسان علي شاھ سنڌ سجاڳ فورم جي مجيد عباسي ايس يو پي اڳواڻ ايوب کوسو ڪائونسلر جاويد سومرو حاجي عبدالرشيد گگڙ  سوشل ورڪر نياز لاشاري سانول ڪيريو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي شھدادڪوٽ ۾ سمورو ننڍو وڏو ڪاروبارمڪمل طور بند رھيو, ڪارڪنن محمد ابراھيم دايو ۽ ڊاڪٽر امتياز شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ٽنڊو باگو ۾ جماعت اسلامي جي سڏ جي ملڪ ۾ پيٽرول ڊيزل اٽي کنڊ ۽ ٻين شين ۾ واڌ خلاف شٽربند هڙتال جڏهن ته ڌرڻي کي  امير مولوي عبدالڪريم بليدي جنرل سيڪريٽري وسيم ڪنڀر محمد طالب بليدي عبدالغفار ممتاز هاليپوٽو ابراهيم هاليپوٽو غلام قاسم خاصخيلي جيوت ڪمار لوهاڻه ۽ ٻين خطاب ڪيو،ٺل ۾ به شھرين دڪاندارن ۽ واپارين پنھنجا مڪمل ڪاروبار بند ڪري ڇڏيا آھن، جڏهن ته جماعت اسلامي جا اڳواڻن مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي ۽ امداد الله بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ مختلف تنظيمن جي ماڻھن موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي علائقن جو گشت ڪندا آزاد عوامي پريس ڪلب وٽ پهچي سخت احتجاج ڪندي اڳواڻن سيد سڪندر علي شاھ،مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي،امداد الله بجاراڻي،ڊاڪٽر شنڪر لال،لالا هدايت الله پٺاڻ، سيد بدر الدين شاھ ۽ ٻين خطاب ڪيو،اوٻاوڙو ۾ سوين ڪارڪنن  مولانا محمد يوسف مزاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، شٽر بند ھڙتال رهي،  مظاھرين  سڄي شھر جو گشت ڪندي بخاري روڊ رانوتي روڊ کان ٿيندي شھر جي مين چوڪ تي پھچي ڌرڻو ھنيو جنھن سبب شھر طرف ايندڙ ويندڙ گاڏين باء پاس جو رخ اختيار ڪيو مولانا محمد يوسف مزاري،  حافظ عطاء الرحمان ،جماعت اسلامي تعلقي اوٻاوڙو  جي امير غلام قادر سيٺار خطاب ڪيو،  عمرڪوٽ ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي،  ٿر بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ھڙتال سبب شھر جا مک ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رھيا ريلي ۾ جماعت اسلامي اڳواڻ محمد حنيف راھمون، محمد اظھر ڀيو، ايس يو پي اڳواڻ گل بجير، ڪامريڊ ميھار بنگلاڻي، وڪيل برادري جي وڪيل جان محمد نھڙي، وڪيل ڀاڳچند ڀيل، مزدور اتحاد جي ضلعي صدر جلال مري سميت ٻين سياسي سماجي حلقن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي چيلهار ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ جزوي هڙتال رهي ،ٽنڊي الهيار ۾  هڙتال سبب شهر جي مين بازار سميت مارڪيٽ روڊ اسٽيشن وارو علائقو نصرپور روڊ چمبڙ روڊ  جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا ضلعي امير رائو جاويد جي اڳواڻي ۾ مارڪيٽ چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي واپاري اڳواڻن وقار حميد ميمڻ جماعت اسلامي ضلعي امير رائو جاويد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مهانگائي سبب غريب طبقي سميت دڪاندار به سخت پريشان آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.