پي ٽي آءِ سلمان رشدي جي وڪيل جيفري رابرٽسن کي وڪيل رکيو آهي:عطا تارڙ

لاهور (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين ملعون سلمان رشدي جي وڪيل کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪري ڇڏيو  آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته عمران خان جي عالمي عدالتن ۾ نمائندگي لاءِ بئريسٽر جيفري رابرٽسن کي هائير ڪيو ويو آهي، هي اهو ئي وڪيل آهي، جيڪو ملعون سلمان رشدي جو به وڪيل رهيو آهي،  سياست بچائڻ لاءِ توهان سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين جو عالمي عدالت ۾ وڃڻ جي اعلان جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا اعلان جو مطلب رياست ۽ ملڪ خلاف عالمي عدالت ۾ وڃڻ آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف چيئرمين 9 مئي تي ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو ۽ ملڪي ادارن خلاف ڪم ڪيو، هڪ سياسي جماعت ملڪ تي حملا ڪيا.  پي ٽي آءِ چيئرمين فتنو آهي، اهو ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.