لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ عمران خان جي وڪالت لاءِ سلمان رشدي جي وڪيل جيفري رابرٽسن کي مقرر ڪرڻ جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف موجب پارٽي ملڪ ۾ جاري بدترين رياستي جبر جي مذمت ڪري ٿي، هڪ پرڏيهي قانوني فرم جي حوالي سان گردش هيٺ گمراهه ڪندڙ اطلاعن ۾ ڪا صداقت ناهي، نه ئي اهڙن قدمن کي جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ چيئرمين جي حمايت حاصل آهي. پي ٽي آءِ طرفان چيو ويو آهي ته عمران خان خلاف ڪوڙا ڪيس قائم ڪري قانون ۽ انصاف جا بخيا اڊيڙيا ويا، ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول سياسي جماعت جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم بدترين انتقام تحت جيل ۾ قيد آهي.