سردار عطاءُ الله مينگل کي ٻي ورسي تي ڀيٽا پيش

ڪوئيٽا(م ڊ)  عظيم قومي اڳواڻ سردار عطاءُ الله مينگل جي فڪر ۽ نظرئي تي عمل پيرا ٿي کيس خراج عقيدت پيش ڪري سگهجي ٿو. اهڙو  اظهار ناليواري قبائلي شخصيت بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ حاجي مير عبدالرحيم جتڪ پنهنجي رهائشگاهه تي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. جيڪو سردار عطاءُ الله مينگل جي ٻي ورسي جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو هو. ان موقعي تي قبائلي اڳواڻن ۽ پارٽي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. ڪارنر ميٽنگ کي بي اين پي اڳواڻ مير اسماعيل جان مينگل ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. حاجي مير عبدالرحيم جتڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن بلوچستان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ڪوئيٽا سميت صوبي، ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ قومي رهبر کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اجتماع منعقد ٿي رهيا آهن. هن چيو ته سردار عطاءُ الله مينگل اڄ هڪ فڪر، هڪ سوچ ۽ نظريو بڻجي چڪو آهي. بلوچ قوم سميت سموريون مظلوم قومون ان سان عقيدت رکن ٿيون ۽ ان جي جدوجهد کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه سمجهن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.