ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر چيو آهي ته احتجاج سڀني جو جمهوري حق آهي پر اهو حق ٻين لاءِ تڪليف جو سبب نه بڻجڻ گهرجي، جاري ڪيل بيان موجب نگران وڏي وزير هڙتال تي رد عمل ڏيندي احتجاج ڪندڙن کي عوام جي جان ۽ مال جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته انتظاميا احتجاج کي پر امن بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي، مقبول باقر چيو ته نگران حڪومتون عوام جي مسئلن کي سمجهن ٿيون، عوام مهانگائي سبب پريشان آهي جنهن جو اسان کي احساس آهي، هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيون آهن