سنڌ تي قابض اشرافيا عقيدن جو فائدو وٺي عوام تي ظلم ڪري ٿي: امداد قاضي

ھنڱورجا( ن ع آ) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ سنڌ ھاري ڪميٽي جي اڳواڻن خانواھڻ پھچي شھيد فاطما ڦرڙو جي وارثن سان ملاقات ڪئي.ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي,سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر پروفيسر ميرمنورٽالپر,ڪامريڊ ڏانورو مل, قبال خان,صالح سومرو,عاشق قريشي ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ شھيد فاطما ڦرڙو جي وارثن وٽ پھچي ساڻن افسوس ۽ يڪجھتي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن شھيد نياڻي جي وارثن کي چيو ته ھو ظالمن خلاف مضبوط ٿي بيھن سنڌ ساڻن گڏ بيٺل آهي پر دنيا ۾ رھندڙ سنڌي توڙي انسان دوست ڌريون ساڻن گڏ بيٺل آهن. پيرن، وڏيرن ۽ سنڌ تي قابض اشرافيا ماڻهن جي عقيدن مان فائدو وٺندي ڪافي ظلم ڪيا آهن.انهن کي عبرت جو نشان بنائڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.