عوامي رد عمل نه آيو ته بجلي پيٽرول جون قيمتون وڌنديون

تحرير: نثار لغاري

حڪمران بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هر ڏينهن تيل بجلي گيس جون قيمتون وڌائي رهيا آھن  جيتوڻيڪ هن وقت عوامي رد عمل به عروج تي آھي پر اهو ڇڙوڇڙ آھي ان ڪري حڪمرانن کي بظاهر ڪا پرواهه ناهي  انقلابي تنظيمون سگهاريون نه آھن باقي حڪمران جماعتون سامراجي ادارن خاص طرح آءِ ايم ايف جون دلال آھن  جيڪي سندن حڪم تي هر فيصلو ڪري رهيون آھن  ماڻھو هاڻ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيل آھي نِگران حُڪومت عَوام تي وَري ڇِپ ڪيرائي ڇَڏي- پيٽرول فِي ليٽر 14 رُپيا 91 پَئسا ۽ ڊيزل فِي ليٽر 18 رُپيا 44 پئسا مَهانگو- پيٽرول جي نَئين قيمت 305 رُپيا 36 پئسا فِي ليٽر ٿِي وَئي، ۽ ڊيزل جي نَئين قيمت 311 رُپيا 84 پئسا ٿِي وَئي- ايندڙ ڪُجهه ڏِينهن ۾ بِجلي اگهن ۾ ٻيهر اضافي جا امڪان- ٻُڌايو پيو وڃي ته نِگران حُڪومت پيٽرول في ليٽر 350 رُپين تائين پُهچائڻ چاهي ٿِي!

هن صورت حال ۾ ھڪ تمام وڏي هڙتال جي ضرورت آھي جيڪا حڪمرانن کي لوڏي ڇڏي  هڪ وڏي منظم ملڪ گير هڙتال  . نگران حڪومت بجليءَ جي بلن ۾ عوام کي رليف ڇو نه ٿي ڏئي؟ ڇاڪاڻ ته اها آءِ ايم ايف جي مرضي سان آيل آھي  پاڪستان جي خزاني واري نگران وزير جي پاران بجليءَ جي بلن ۾ عوام کي رليف نه ڏيڻ جي بيان تي اڳ ۾ ئي پريشان ٿيل عوام ۽ واپارين مايوسي ظاهر ڪئي آهي.

ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته ڏوڪڙ پلءِ نه هئڻ ۽ ’آءِ ايم ايف’ پروگرام جي ڪري حڪومت بجليءَ جي بلن يا ٻارڻ جي اگهن ۾ سبسڊي ڏيڻ جي حالت ۾ ناهي.سندس اهو بيان اربع ڏينهن سينيٽ جي قائما ڪاميٽيءَ جي آڏو ’پاليسي بيان’ ڏيندي سامهون آيو.  هن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جي ذمي واري آهي ته اها ’آءِ ايم ايف’ سان اڳوڻي حڪومت جي طئي ڪيل ’اسٽينڊ باءِ’ معاهدي جي شرطن کي هر صورت پورو ڪري.

خزاني واري وزير اهو به چيو ته ’آءِ ايم ايف’ پروگرام سان گڏ ئي اسان کي ٻاهرين امداد به ملڻي آهي، ’آءِ ايم ايف’ کان وڌيڪ ملڪي صورت حال تي ڳڻتي آهي.هن چيو ته بجليءَ جي مڪمل پيداواري لاڳت وصول ڪرڻي پوندي ڇو ته اسان وٽ سبسڊي ڏيڻ جي گنجائش ڪانهي.

هوڏانهن اهي اطلاع به سامهون اچي رهيا آهن ته خزاني واري وزارت ان صورت حال ۾ هڪ رٿا تيار ڪئي آهي جنهن هيٺ هلندڙ سال بجيٽ ۾ هنگامي مقصدن لاءِ رکيل 250 ارب روپيا بجليءَ جي بلن تي سبسڊي طور خرچ ٿي سگهن ٿا. پر ان جو انحصار به بين الاقوامي ناڻي واري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي منظوريءَ تي آهي، ڇو ته پاڪستان هن وقت فنڊ سان نون مهينن تائين ’اسٽينڊ باءِ’ پروگرام ۾ ٻڌل آهي.

ٻئي پاسي، تجزيه نگارن کي اها اميد نظر اچي ٿي ته حڪومت ان مشڪل معاشي صورت حال ۾ شهرين کي بجليءَ جي بلن تي ڪا سبسڊي ڏئي، جيڪي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هر هنڌ احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

’حڪومت کي آءِ ايم ايف سان ڪيل وعدا نڀائڻا آهن’

معاشيات جي ماهر ۽ نامور تجزيه نگار سميع الله طارق چيو آهي ته ’آءِ ايم ايف’ سان ڪيل ’اسٽينڊ باءِ’ معاهدي هيٺ حڪومت کي 9200 ارب روپين جي محصول جا وڏا هدف پورا ڪرڻا آهن.هن چيو ته ان جي لاءِ بجليءَ جي بلن ۾ اليڪٽرسٽي ڊيوٽي، جنرل سيلز ٽيڪس، ايڪسٽرا سيلز ٽيڪس، ايڊوانس انڪم ٽيڪس ۽ ٻيا محصول وصول ڪيا پيا وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته گردشي قرضن جو انگ هن سال 2310 ارب روپيا تائين محدود رکڻ به ’آءِ ايم ايف’ جو شرط آهي. اهي سمورا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ’آءِ ايم ايف’ اسٽينڊ باءِ معاهدي هيٺ اڳئين قسط ڏيندي جائزو وٺندي.

محمد ثاقب پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ان موقعي تي بجليءَ جي بلن ۾ سبسڊي ڏيڻ شروع ڪري ٿي ته فنڊ ساڻ طئي ٿيل هدف حاصل ٿي نه سگهندا، پر اهڙي صورت حال ۾ حڪومت کي ٻين متبادل انتظامن جو سوچڻو پوندو.

هن سرڪاري موقف جي ابتڙ ڪيترائي عوامي حل موجود آھن پر هي حڪمران آھن ئي مالياتي ادارن کي راضي ڪرڻ ۾ پورا انڪري هنن مان ڪنهن به چڱائي جي اميد ناهي

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ بجلي جي بلن خلاف مظاھرن جي قيادت ھن وقت جماعت اسلامي ڪري پئي، اڳتي تحريڪ انصاف شامل ٿي سگهي ٿي. حڪمرانن بجلي جي قيمت گھٽ نه ڪئي ته  پر تشدد مظاھرن جو به امڪان آهي.پينشرن جي پينشن ختم ڪرڻ سميت اهڙا ڪيترائي فيصلا ٿي رهيا آھن جيڪي عوام جي صبر کي لبريز ڪري رهيا آھن ساڳئي وقت عوام جي قوت برداشت به ختم ٿي وئي آھي  هي وڏي پرتشدد تحريڪ کي جنم ڏيڻ جا آثار آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.