راڻيپور (ن ع آ) پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر اڳوڻي ايم اين اي شگفته جماڻي، پيپلز پارٽي ليڊيزونگ نوشھرو فيروز ضلعي صدر ڊاڪٽر فاطمه شھناز انصاري ۽ اڳوڻي ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو سميت پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي عورت اڳواڻن ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ پھچي شھيد نينگري فاطمه جي ٿڏي تي پھچي ڪري شھيد نينگري فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبنم ڦرڙو ۽ والد نديم ڦرڙو سان تعزيت ڪئي، پي پي ليڊيزونگ جي صوبائي صدر شگفته جماڻي عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته شھيد فاطمه جي قاتلن کي ڦاسي ڏني وڃي اسان جي معاشري ۾ پيري مريدي جي ڪري فاطمه جھڙيون معصوم نياڻيون روز قتل ٿين پيون غربت جي ڪري اسان جون نياڻيون تعليم حاصل نه ٿيون ڪري سگھن پيري مريدي کي ڇڏي تعليم حاصل ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي، پيپلزپارٽي پھرين ڏينهن کان معصوم فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان گڏ بيٺي آھي شھيد معصوم فاطمه جي ھن ڪڌي عمل ۾ جيڪي به ھٿ آھن انھن کي گرفتار ڪري نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.