راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) سنڌ سڀا ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي طرفان ڪوٽڙي ڪبير کان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو تائين 10 ڪلو ميٽر پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي قومپرست اڳواڻ شبير جمالي ڊاڪٽر نذير کوکر، ساجد مڱريو، ايڊووڪيٽ نور تنيو، فريد رتڙ ، محسن سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ريلي ۾ شريڪ ماڻھن فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو بعد ۾ سندس قبر تي ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي ھاڻي پير پرستي ڇڏي سجاڳي جو ثبوت ڏيڻو پوندو، فاطمه ڦرڙو کي بيدرديءَ سان قتل ڪري وحشياڻو عمل ورجايو ويو آهي، سنڌ ۾ نياڻين سان ظلم جا واقعا وڌي ويا آهن، هي هاءِ پروفائيل ڪيس آهي، ھنن گھر ڪئي ته مک جوابدار اسد شاهه سميت ٻين جوابدارن ۽ سھولتڪارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي