حيدرآباد: ڪوهستان راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻ محمد بخش بروهي ڪانفرنس دوران عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته ڪوھستان واري بيلٽ ۾ لکين ايڪڙ زمينن تي بحريا ٽائون سميت ٻيون غير قانوني رھائشي اسڪيمون جوڙي والار ڪئي پئي وڃي، کير ٿر نيشنل پارڪ جي 20 ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين به بحريا ٽائون جي قبضي ھيٺ آھي، ان کانسواءِ تعلقي ٿاڻي بولا خان جي 89 ھزار ايڪڙ زمين بحريا ٽائون جي حوالي ڪئي وئي آھي، تازو ڪوھستان جي تاريخي جبل ڪاري جبل تي رومي سٽي ۽ بحريا انڊسٽيريل اسٽيٽ جي نالي سان پراجيڪٽ جوڙي قبضو ڪيو ويو آھي، اھڙي ريت مجموعي طور تي تعلقي ٿاڻي بولان خان جي ھڪ لک 63 ھزار ايڪڙ زمين غير قانوني طور تي قبضاگيرن جي والار ھيٺ آھي. ھن الزام ھنيو تھ ان زمين تي قبضي واري سازش ۾ سنڌ جو روينيو کاتو ۽ گذريل سنڌ حڪومت جا وزير شامل آھن، جن 2 کرب 50 ارب روپين کان جي ڪرپشن ڪري ڪوھستان جون قيمتي زمينون سرمائيدارن جي حوالي ڪيون آھن، اسان جيڪا بھ ڳالھه ڪري رھيا آھيون ان جا ثبوت به آھن ته ڪھڙي رھائشي اسڪيم کي ڪيتري زمين ڏني وئي آھي. ھن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته ھو ڪوھستان جي رھواسين سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺن. ھن چيو ته پيپلزپارٽي جي 15 سالن جي اقتداري دور ۾ جيڪا سنڌ جي تباهي ڪئي وئي، ان جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي.