ڪراچي (پ ر) سانا طرفان سنڌ جي قومي شاعر جمن دربدر جي پٽسگھڙ کي سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو طرفان اعلانيل لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ سان گڏ 3 لک ڪيش چيڪ ڏنو ويو. شڪاگو ۾ ٿيل سالياني ڪنوينشن ۾ ھن سال شاعر جمن دربدر لاءِ ان ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو ھو. سنڌي ٻولي، ادب، تحقيق، سماجي خدمتن جي مڃتا لاءِ سانا طرفان اھي ايوارڊ ڏھاڪن کان ڏيڻ جي شروع ڪيل روايت جاري رھندي اچي ٿي. سانا جي صدر مقبول ھاليپوٽو چيو ته جمن دربدر جي شاعري سنڌي ماڻھن کي سندن سياسي ء قومي حقن جي جدوجھد ۾ حوصلو، اميد ء ھمٿ ڏئي ٿو، سندس شاعري ڌرتي جي سوڀ، ساڀيان ۽ جوھر جي امين آھي، کيس مڃتا ايوارڊ ڏيڻ درحقيقت اسان سڀني لاءِ فخر جي ڳالھ آھي. ڊاڪٽر مقبول وڌيڪ چيو ته ”ماما جمن دربدر جھڙا ماڻھو پاڻ پڌارڻ باوجود پنھجي ڪردار ء شاعراڻي فڪر جي ڪري اڄ به نه صرف زنده آھن بلڪه اسان سونھان آھن.