اسلام آباد ( عوامي آوازنيوز ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري لنڊن پهچي نواز شريف سان اهم ملاقات ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ناميار ي صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته گورنر ڪامران ٽسوري بظاهر ته ايم ڪيو ايم جو آهي پر هو اسٽيبلشمينٽ جي به گهڻو ويجهو آهي، ان ڪري اهو نظر اچي رهيو آهي ته نواز شريف سان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ڳالهيون ٿيون هونديون، ان سان گڏ اهو ممڪن آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪو پيغام به نواز شريف کي پهچايو هوندو ۽ چونڊن باببت به ضرور ڳالهيون ٿيون هونديون