گهوٽڪي( ڊ ر ) گهوٽڪي پوليس جو ڪامياب آپريشن، 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل يرغمالي کي پوليس پاران مقابلي بعد باحفاظت آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، 25 ڏينهن اڳ لعل دين ولد محمد صالح گجر ويٺل ڳوٺ محمود گجر تعلقا گهوٽڪي کي پوليس ٿاڻي بي سيڪشن جي حد کان اڻڄاتل هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا جنهن بعد ايس ايس پي گهوٽڪي يرغمالي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڊي ايس پي ڪچو ٻنڊي زاهد حسين ميراڻي ۽ ايس ايڇ او ڪچو ٻنڊي 2 بيگ محمد گهوٽو کي ذميواري ڏني هئي، جنهن کي آزاد ڪرايو ويو، پوليس دعوي ڪئي آهي ته اطلاع مليو ته ڌاڙيل يرغمالي کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا آهن، ڪارروائي ڪئي ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد اغواڪار/ ڌاڙيل يرغمالي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس يرغمالي کي باحفاظت آزاد ڪرائڻ بعد ٿاڻي تي آندو، جتي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿيڻ بعد يرغمالي ايس ايس پي گهوٽڪي جناب تنوير حسين تنيو صاحب ۽ سندس ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو.