نگران حڪومت غريبن جو جيئڻ حرام ڪيو آهي:ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو آھي ته گذريل حڪومت جي نقش قدم تي هلندي موجوده نگران  حڪومت تيل جي اگھن ۾ اضافو ڪري غريب، مسڪين، ھاري، پورھيت طبقي جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، اسان نگران حڪومت پاران تيل جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ کي رد ڪريون ٿا، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، گذريل حڪومت به عوام مٿان مهانگائي جا جبل ڪيرايا ۽  ھاڻي رھيل ڪسر نگران حڪومت پوري ڪري غريب، مسڪين، پورهيت ۽ ھاري طبقي جو ٻن ويلن جي ماني کائڻ به تمام ڏکيو ٿي ويو آهي، مھانگائي سبب ماڻھو خودڪشيون ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.