اڳوڻي پي ڊي ايم سرڪار ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ وڪڻيو:اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيٽروليم ۽ بجلي جي وڌايل قيمتن کي رد ڪندي چيو آھي ته   اڳوڻي پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي جي اتحادي حڪومت ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ وڪڻي ڇڏيو آھي، نگران حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي، بي رحم ۽ بي حس حڪمرانن کي احساس ناهي ته پيٽرول جون قيمتون وڌڻ ڪري پاڪستان جو 24 ڪروڙ عوام بک بدحالي جو شڪار ٿي مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙهجي رھيو آھي.  پيٽرول ۽ بجلي جون قيمتون وڌائڻ عوام دشمني آھي، مھانگائي جو طوفان ملڪ کي ايٿوپيا بڻائي ڇڏيندو، پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌڻ سان زندگي جي ھر شئي مھانگي ٿي وڃي ٿي، جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت آئي ايم ايف جي حڪم تي روزانو عوام مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائي ھارين، مزدورن ۽ پورھيتن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، غريب عوام لاءِ ٻه وقت جي ماني به مشڪل ڪري ڇڏي آھي، تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ڪري اھو پيغام ڏنو ويو آھي ته جن وٽ پئسو ناھي، جيڪي غريب آھن، انھن کي زندھ رھڻ جو ڪو حق ناھي، اھي ڀلي تڙپي تڙپي مري وڃن. ملڪ جي غدار جاگيردار شاھي، ويڪائو سرمائيدارن ۽ ڪرپٽ حڪمران ٽولن پنھنجن ذاتي مفادن خاطر ملڪ کي عالمي سامراجين، ڪرپٽ ۽ دھشتگرد مافيا وٽ گروي ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.