حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي ساڃاهه وندن، ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ دشمن قرار ڏيندي نتيجن کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آھي ته 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي قومي وجود مٿان وار آهي، سنڌ جي آدمشماري 7 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ واري فارمولي ۾ آبادي جو شرط ختم ڪيو وڃي، زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ جي زمينن جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين مٿان نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ سنڌ جو وجود ميسارڻ جي برابر آهي، اھڙين حرڪتن کي ڪنھن بھ صورت ۾ برداشت نھ ڪيو ويندو، سنڌ جا حڪمران ۽ قبائلي سردار ڌاڙيلن جا سرپرست آهن، جاگيرداري نظام بيمارين جي جڙ آھي، صحافي جان محمد مهر جي سمورن اصل قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. ڌاڙيلن خلاف نتيجا ڏيندڙ آپريشن ڪيو وڃي. معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو، نازيا چنا، مرڪ شورو، ريحان ميمڻ سان ظلم ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ عوامي تحريڪ پاران “ڊجيٽل آدمشماري، سنڌ جي زمينن جي نيلامي، ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت ۽ پاڻي تي ڌاڙن” بابت ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ڪيو، ڪانفرنس ۾ اديبن، شاعرن، قلمڪارن، مزدورن، هارين ۽ شاگرد شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ھن وقت ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ دور ۾ داخل ٿي چڪي آھي ۽ سنڌ مٿان گھڻ طرفي جنگ مڙھي وئي آھي، اھڙي صورتحال ۾ گڏيل عوامي مزاحمت جي ذريعي ئي سازشن کي منھن ڏئي اڳتي وڌي سگھجي ٿو. ھن چيو تھ لڪير ڪڍڻ جو وقت اچي چڪو آھي، مخالف ڌر سنڌ جي پاسي ٿي بيھڻ بجاءِ اقتدار جي پويان ڊوڙي رھي آھي، ڪجھ ڌريون پيپلزپارٽي جي خلاف ھجڻ ڪري سردارن جي اتحادي ٿيڻ ۽ نائين زيرو تي وڃڻ چاھين ٿيون، پر اسين عوامي مزاحمت ۾ يقين رکون ٿا. ھن چيو ته پاڪستان آمريڪا جو غلام ۽ مظلوم قومون پاڪستان اندر غلام آھن. ھن چيو تھ جيڪڏھن ايوب کھڙو غدار ھو ته سي سي آئي ۾ سنڌ خلاف ٿيل فيصلن تي صحيح ڪندڙ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير کي ڇا چئجي؟ اھو به غدار آھي. ھن چيو ته عوامي تحريڪ عوامي جدوجھد کي تيز ڪندي 17 سيپٽمبر ٺٽي ۾ احتجاج ڪرڻ سان گڏ سجاول، بدين ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ ڪانفرنسون، احتجاجي مظاھرا، ڌرڻا ۽ مارچ ڪندي، سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪيون ٿا. ھن چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري ۾ هڪ مڪمل منصوبابندي سان سنڌي قوم کي پنهنجي تاريخي وطن ۾ اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ شناختي ڪارڊ جو شرط ختم ڪري لکين افغانين، بهارين، برمين، بنگالين ۽ ٻين غير ملڪين کي ڳڻپ ۾ شامل ڪري سنڌ ۾ غير ملڪين جي آبادي وڌائي سنڌين جي آبادي گهٽائي وئي، ڊجيٽل آدمشماري سنڌ، بلوچستان، سرائيڪي وسيب سميت ننڍن صوبن جي وسيلن، قومي دولت، معدنيات، ساحلي پٽي تي قبضي ۽ ننڍن صوبن کي غير ملڪين جي ٻوڏ ۾ ٻوڙڻ جي خطرناڪ سازش آهي، آدمشماري ۾ بلوچستان جي آبادي ۾ پڻ 60 لک کان 65 لک تائين هٿرادو گهٽتائي ڏيکاري وئي آهي، آدمشماري ذريعي پي ڊي ايم ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل حڪومت سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي، شماريات کاتي جڏهن سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 79 لک ٻڌائي هئي تڏهن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه مئي مهيني ۾ ئي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته سنڌ جي آبادي 68 لک گهٽ ڏيکاري وئي آهي، پر سي سي آئي جي اجلاس ۾ ان ئي مراد علي شاهه سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 56 لک اقتدار خاطر تسليم ڪري سنڌي قوم جي وجود مٿان قهري وار، سنڌ سان ويساهه گهاتي ۽ تاريخي غداري ڪري ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي. ھن چيو ته سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي ۽ پي ڊي ايم کان پڇڻ چاهي ٿو ته 2023ع جي مئي مهيني ۾ شماريات کاتي جيڪي سنڌ جي آبادي جا انگ اکر جاري ڪيا سي انگ اکر سي سي آءِ تائين پهچندي ڪيئن تبديل ٿي ويا؟ آدمشماري جي انگن اکرن جي اها هيرا ڦيري آدمشماري کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي به بدنيتي تي مبني ثابت ٿي ڪري. هن چيو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌي ماڻهن جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي، هڪڙي پاسي آئي ايم ايف جي فرمائش تي تيل جون قيمتون وڌائي مهانگائي عروج تي پهچائي وئي آهي ته ٻي طرف زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ مٿان قهري وار ٿيو آهي، جنهن خلاف متحد ۽ منظم ٿي پرامن جمهوري جدوجهد هلائڻ جي ضرورت آهي. 4 مارچ شاگرد جدوجھد جي ھيرو مسعود نوراني چيو ته ھي ملڪ ٺھڻ بعد پاڪستان کي مذھب، مضبوط مرڪزيت ۽ اردو زبان جو ڪشتو کارائي ان جو جسم زھريلو ڪيو ويو، جيڪڏھن سنڌ سميت مظلوم قومن سان حڪمرانن جو رويو نه مٽيو ته پوءِ ملڪ بچي نه سگھندو. ھن چيو ته سنڌ ون يونٽ خلاف به جدوجهد ڪئي هئي، سنڌ اڄ به پنهنجي وجود جي بقاءَ لاءِ جدوجهد ڪندي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي پيپلزپارٽي وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائي دهشتگردن جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وڌو آهي، ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي پنج ڀيرا تاريخن ۾ واڌ ڪئي ويئي، بار بار اضافو ڪري ايم ڪيو ايم جي علائقن جي آبادي وڌائي ايم ڪيو ايم کي ٻيهر سنڌين جي سيني تي سوار ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سنڌ جون زمينون عسڪري ۽ پرڏيهي ڪمپنين جي حوالي ڪري سنڌين کي فلسطينين جيان پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ناجائز طور ڌاڙن جو سلسلو جاري آهي، سنڌو درياهه تي ڀاشا ڊيم سان گڏ سنڌو ندي جي ڀرتو ندين مٿان به ڊيمن، ڪئنالن ۽ بئراجن جو خطرناڪ منصوبو جوڙيو ويو آهي، تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنالن وسيلي پنجاب مسلسل سنڌ جي حصي جو پاڻي غير قانوني طور کڻي رهيو آهي. سنڌ جون زمنيون بنجر بنايون ويون آهن. جڏهن ته پنجاب جي 34 لک ايڪڙ کان وڌيڪ غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي ناجائز ۽ غيرقانوني ڊيم اڏي سنڌ کي ايٿوپيا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ حورالنساءِ پليجو چيو تھ جڏھن کان پاڪستان وجود ۾ آيو آھي تڏھن کان سنڌ جو معاشي قتل، پاڻي تي ڌاڙا ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جاري آھي. . سماجي اڳواڻ نور بجير چيو ته عوامي تحريڪ اهم مسئلن تي ڪانفرنس ڪوٺائي آهي، هي سمورا معاملا سياسي آهن ۽ انهن جو حل به سياسي آهي. سياسي تنظيمن، وڪيلن، شاعرن ۽ اديبن سميت سماج جي بهتري لاءِ سوچيندڙ سڀني ڌرين کي هنن معاملن تي گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. نامياري صحافي جي اين مغل چيو ته سنڌ کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي منصوبا آهن، جيڪي تاريخي ماڳ هتي آهن اهي پوري ريجن ۾ ناهن، سنڌو درياھه تي پهريون حق اسان سنڌين جو آهي، پر اهو تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. ھن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ذريعي مسلسل زيادتي ٿي رهي آهي، ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته 40 لک کان وڌيڪ غير ملڪي غير قانوني طور تي سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن کي واپس موڪليو وڃي، ان فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي. سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته مظلوم قومن جو صحافي تڏھن غير جانبدار نٿو ٿي سگهي جڏھن وطن جي خلاف سازش ٿيندي ھجي، وطن جي ڌڻين کي بيدخل ڪيو ويندو ھجي. ھن چيو ته پاڪستان جو بحران نظرياتي آهي، عالمي سطح تي پاڪستان تي ڪير به اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ ۾ حڪومت چاليهن سردارن تي هلي ٿي، انهن جي ڪنٽرول مان ايس ايس پيز وٺي ڇڏيو ته اهي سردار ڊهي ويندا. ھن چيو ته ساڃاهه وندن جي سنڌ سردارن کان وڌيڪ مضبوط آهي. جڏهن مشرف هيو تڏهن سنڌ آمر خلاف مزاحمت ڪئي هئي. صحافي مهيش ڪمار چيو ته مراد علي شاهه آدمشماري تي اعتراضن جو راڳ آلاپيندي سي سي آئي جي اجلاس ۾ آدمشماري جا نتيجا قبول ڪري آيو سي به اهڙا نتيجا جنهن ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري، ٻهراڙي جون سيٽون گهٽايون ويون آهن. شفيع مرگر چيو ته ڊجيٽل آدمشماري اسان جي وجود جو مسئلو آهي، اسان جي نسلن جو مسئلو آهي، انڊس ڊيلٽا جي تباهي سبب اتان جا ماڻهو دربدر آهن. ڪوهستان راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻ محمد بخش بروهي چيو ته پيپلزپارٽي جي 15 سالن جي دور ۾ جيڪا سنڌ جي تباهي ڪئي وئي ان جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي. اديب ۽ شاعر محمد هڱورجو چيو ته ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو وڃي، اسان جي علائقن ۾ ڌاڙيلن کي قابض ڪيو ويو آهي. تعليمدان فهيم نوناري چيو ته آدمشماري زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، آدمشماري جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ ٿئي ٿي، آدمشماري سنڌ سان ناانصافي آهي. صحافي شاهنواز خاصخيلي چيو ته گذريل 15 سالن ۾ زرداري ڊاڪٽرائن سنڌي ماڻهن کي هيسائي ڇڏيو آهي. مختيار عباسي چيو ته هن ملڪ ۾ اليڪشن ڍونگ آهي, جاگيردارن سنڌ کي لٽي ڇڏيو آهي. سرتاج چانڊيو چيو ته هن وقت سنڌ چئو طرف کان خطرن ۾ گهيريل آهي. سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي، انهن کي ڪهڙي طريقي سان ڳڻپ ۾ آندو ويو؟ هي آدمشماري نه پر ٺڳي، ڪوڙ ۽ فراڊ هو. سگا جي اڳواڻ قاسم ناريجو چيو ته اسٽيبلشمينٽ تجربا ڪري عمران جهڙن کي آڻي ملڪ کي تباه ڪيو. يوسف سنڌي چيو ته سنڌ جي مسئلن لاءِ هر طرفي جدوجهد جي ضرورت آهي. سينيئر صحافي اسحاق مڱريو چيو ته اليڪشن ڪميش کي آئين تي عمل ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۾ هر روز نوان مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن، سنڌ جا وسيلا نيلام ڪيا پيا وڃن، ڪچي جي 30 لک ايڪڙ زمين ڦٻائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، ترقي جي نالي ۾ سنڌ جي تباهي ڪئي پئي وڃي. ايڊووڪيٽ ساجد حسين چيو ته پيپلزپارٽي جرڳائي سردارن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، جرڳا ملڪي آئين ۽ قانون جي لتاڙ آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ جرڳن کي غيرقانوني قرار ڏئي جرڳن تي بندش وڌي هئي، پر سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي. سنڌ ۾ ڪو به ماڻهو محفوط ناهي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته صحافي جان محمد مهر ۽ فاطمه ڦرڙو جو قاتل جاگيرداري نظام آهي، پيپلزپارٽي قاتل سردارن ۽ جاگيردارن جي نمائندا پارٽي آهي، جاگيرداري جي ناسور سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمره سمون چيو ته پيپلزپارٽي جو 15 سالن جو اقتداري دور سنڌي عورتن لاءِ ڀيانڪ دور ھو، عورتن جي تذليل معمول بڻائي وئي آهي، سڱ چٽي، ڪارو ڪاري ۽ بدي جهڙين شرمناڪ ۽ غير انساني رسمن ذريعي عورتن جو قتلام ڪيو پيو وڃي. ستار رند چيو ته زرعي انقلاب جي آڙ ۾ 90 لک ايڪڙ زمين تي قبضي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين تي قبض لاءِ سرڪاري سطح تي عمل شروع ڪيو ويو آهي، سنڌ جو عوام سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش کي پرامن جدوجهد وسيلي ناڪام بنائيندو، زمنيون سنڌ جي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن. سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح چيو ته ملڪ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، سي سي آئي جي غيرقانوني اجلاس ۾ آدمشماري نتيجا قبول ڪري آئين جي سنگين کي انحرافي ڪئي وئي آهي. سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا آهن. نياڻين جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر فاضل کوسو چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ننڍڙا معصوم ٻار ۽ نياڻين کي جنسي ڏاڍائن جو نشانو بڻائي قتل ڪيو پيو وڃي، ٻارڙن سان ظلم ڪندڙن خلاف ڪوبه قانون قدم نٿو کنيو وڃي.