بجلي ۽ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف ملڪ ۾ شٽربند هڙتال، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف  سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڪراچي جي مختلف واپاري تنظيمن جي طرفان بجلي جي واڌو بلن خلاف هڙتال جي سڏ تي سمورا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، واپاري  اڳواڻ الياس ميمڻ موجب هڙتال جي ڪري ڪراچي جا ڪاروبار مرڪز بند رهيا، شهر جون اهي بازارون جيڪي جلد کلي وينديون آهن ۽ جمعي بعد کلندڙ مارڪيٽون به بند رهيون، واپاري برداري جو چوڻ آهي ته بجلي بل ۽ بجلي جا ٽيرف قبول ڪرڻ جوڳا ناهن، اسان جو مطالبو صرف بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ آهي، ٻئي پاسي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي جي واڌو بلن جو ستايل عوام رليف جي آسري ۾ آهي، لاهور ۾ بجلي جي ڳرن بلن خلاف سرڪاري ملازمن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڪوئيٽا ۾ بجلي، پيٽرول ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ خلاف عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي، واپڊا آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾  پيٽرول بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي  ٽوڙ مهانگائي خلاف مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڪراچي، قمبر، کپرو، ڊکڻ، ڪنري، باڊهه ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا  هنيا ويا، قاضي احمد، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ پيٽرول بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪئي وئي، دادو ۾ بجلي،گئس جي بلن ۾ واڌو ٽيڪس،پئٽرول جي اگهن ۾ تاريخي اضافي خلاف دادو جا سوين واپارين، دڪاندارن، شهرين دادو ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري واپارين، گل حسن پنهور، ممتاز چنه،عدنان نور،بابن سرھيو،فاروق خشڪ،غلام اڪبر ٻٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دادو پريس ڪلب آڏو بجلي،گئس جي بلن جا هار پائي،لالٽين ۽ ڪوئلي واريون استريون کڻي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي مک ڪچهري روڊ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، سکر ۾  شهرين جي وڏي انگ ايڊووڪيٽ نصيب الله سومرو، وقار سومرو، حبيب الله سومرو، نذير سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بجلي، گيس ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سميت مهانگائي خلاف سکر پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ مهانگائي بي قابو ٿي وئي آهي ۽ غريب ماڻهو کي ٻه وقت جي ماني جي ڳڻتي آهي، حڪومت سندن مسئلا حل  ڪرڻ بدران ان ۾ اضافو ڪري رهي آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي. جنهن کي عوام ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ هڪ مهيني دوران 40 روپيا في ليٽر اضافو ڪري عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي، اڳوڻي حڪومتن ته عوام کي مهانگائي جي دٻڻ ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽  نگران حڪومت مان عوام کي اميدون هيون پر نگرانن به عوام جي اميدن تي پاڻي هاري ڇڏيو آھي هر پڌرنهن ڏينهن پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو ڪري عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي، حڪمرانن کي ملڪ ۽ عوام سان ڪابه همدردي ناهي هو صرف مال ڪمائڻ اچن ٿا جڏهن ته بجلي جي قيمت عوام جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آھن، نگران وزيراعظم هڪ ڏينهن پورهيو ڪري ڏسي ته خبر پويس، بجلي جا واڌو بل ختم ڪري پيٽرول جون وڌايل قيمتون گهٽ ڪيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.