لاهور ( عوامي آواز نيوز ) لنڊن ۾ ويٺل نوازشريف ۽ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۾ ٽياڪڙي ڪندڙ گڏيل دوستن لنڊن ۾ نواز شريف کي پيغام پهچايو آهي ته ماضي کي وساري ڇڏيو اڳتي وڌڻ جو سوچيو، ڇاڪاڻ ملڪ جون حالتون هاڻي انتقام جي سياست برداشت ڪرڻ جهڙِيون نه آهن، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ان پيغام جو مطلب نواز شريف کي جنرل ( ر) باجوه، جنرل ( ر) فيض حميد، (ر) چيف جسٽس ثاقب نثار۽ آصف سعيد کوسا خلاف موقف تان هٿ کڻائڻ آهي، ڇوته اهي اطلاع اچي رهيا آهن ته نواز شريف جو چونڊ مهم دوران اهي 4 شخصيتون نشانو هونديون ڇوته ملڪ ۾ موجودهه مهانگائي ۽ بدترين معاشي حالتن جو نواز شريف انهن 4 شخصيتن کي ذميوار سمجهي ٿو، ان ڪري چونڊ مهم ۾ نواز شريف جو اهو ئي بيانيو آهي ، جنهن تان کيس هٿ کڻائڻ لاءِ ڪجهه اهم شخصيتون سرگرم ٿي ويون آهن ، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙو پيغام ملڻ شرط نواز شريف ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ گڏيل دوستن کي چيو ته جيڪڏهن منهنجي ذات جو مسئلو هجي ها ته انهن کي معاف ڪري ڇڏيان ها، پر انهن عمران پراجيڪٽ جي سرجڻهارن ملڪ کي معاشي ڌٻڻ ۾ اڇلايو آهي اڄ عوام جنهن مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي ان مهانگائي جي ذميوارن کي ڪيئن معاف ڪري سگهجي ٿو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙو پيغام ملڻ کانپوءِ شهباز شريف تي به نواز شريف شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، صحافي موجب تازن اطلاعن مان محسو س ٿي رهيو آهي ته نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ صفحي تي نه آهن، ڏسڻو اهو آهي ته ڪير پنهنجي موقف تان هٽي ٿو ۽ صورتحال ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو ، ڇوته بظاهر اهو نظر اچي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي ڏانهن به اسٽيبلشمينٽ جو رويو هاڪاري نه آهي ان ڪر ي اڳوڻو صدر آصف زرد اري ، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪجهه سنڌ جا اڳوڻا صوبائي وزير دبئي پهچي ويا آهن ، ڇوته سنڌ جي اٽڪل 60 اڳوڻن صوبائي وزيرن۽ اهم ڪامورن جا نالا ” اسٽاپ لسٽ “ ۾ وڌا ويا آهن انهن خلاف نيب سرگرم آهي ، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جون وڏيون پارٽيون ڪهڙو فيصلو ڪن ٿيون اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو، ڇوته اهي افواهه هئا ته موجوده نگران حڪومت ڊگهي عرصي لاءِ آئي آهي پر جنهن قسم جون حالتون پيدا ٿيون آهن انهن ۾ اهي اطلاع اچي رهيا آهن ته اسٽيبلشمينٽ هاڻي جلد چونڊون ڪرائڻ تي سوچي رهي آهي ، اليڪشن ڪميشن به نئين آدم شماري تحت نين تڪبندين جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي، ممڪن آهي ته جنوري جي آخر يا فيبروري جي شروع ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي