اسلام آباد (م ڊ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) به تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي 38 رپيا 97 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي وئي، اوگرا ايل پي جي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي جو 11.8 ڪلو جو گهريلو سلينڊر 459 رپيا 85 پئسا مهانگو ٿي 2 هزار 833 رپين جو ٿي ويو، اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي في ڪلو جي نئين قيمت 240 رپيا 12 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ تي فوري عمل ڪيو ويندو، واضح رهي ته گذريل رات پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به واڌ ڪئي وئي هئي، پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 91 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 44 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي هئي، ٻئي طرف تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ريلويز به ٽرين جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي.