هفتي دوران کنڊ سميت 20 شين جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد (م ڊ) هڪ هفتي دوران 20 شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي،  ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافي جو رجحان  بدستور جاري ، هلندڙ هفتي  دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.54 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ 20 شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، شماريات واري اداري طرفان جاري رپورٽ موجب سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 24.65 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، کنڊ 11 رپيا 40 پئسا، ڳڙ 5 رپيا ۽ مسور جي دال 5 رپيا في ڪلو قيمتن ۾ واڌ ٿي، ايل پي جي گهريلو سلينڊر 11 رپيا، آنا 2 رپيا درجن، ماش جي دال 7 رپيا في ڪلو، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 3 رپيا، 5 ڪلو ڪوڪنگ آئل 17 رپيا مهانگو ٿيو، پٽاٽا، کير، ڏهي ۽ مونگ جي دال جي قيمتن ۾  پڻ واڌ ٿي آهي، انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هفتي دوران حساس قيمتن تي سالياني بنيادن تي 17 هزار 732 رپيا ماهوار تائين آمدني رکندڙ طبقي جي لاءِ مهانگائي جي شرح ۾ 23.54 سيڪڙو واڌ ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.