انگريزن سنڌ ۾تمام سٺو ڪم ڪيو: مدد سنڌي

ڪراچي ( پ ر ) تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ چيو آهي ته اهي شخصيتون زنده رهن ٿيون جيڪي پنهنجي قوم جي لاءِ مشعل راهه بڻجن ٿيون. اهڙي طرح حسن علي آفنديءَ جو ڪردار به 139 سالن کان وٺي اسان لاءِ  مشعل راهه رهيو آهي، جنهن سنڌ مدرسي جي صورت ۾ هڪ جديد ادارو قائم ڪيو، جتان قائد اعظم محمد علي جناح سميت هزارين لکين شاگردن تعليم حاصل ڪئي آهي.  جمعي ڏينهن سنڌ مدرسته الاسلام جي  139هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيتوڻيڪ انگريزن سنڌ کي جديد خطو بڻائڻ ۾ تمام سٺو ڪم ڪيو پر، موجوده وقت جي تاريخدانن تي هن ڳالهه تي سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ گهرجي ته، جڏهن انگريز سرڪار بمبئي يونيورسٽي، ڪولڪتا يونيورسٽي ۽ پنجاب يونيورسٽي قائم ڪئي ته هنن سنڌ ۾ ڇو ڪا يونيورسٽي قائم نه ڪئي؟ مدد علي سنڌي چيو ته ان وقت سنڌ مدرسو، ڊي.جي. ڪاليج، ڪاليج ۾ حيدرآباد ، شڪارپور ۾  ڪاليج ۽ ٻيا اسڪول ۽ ڪاليج مختلف ڪميونٽيز خانگي طور قائم هئا. مدد علي سنڌي چيو ته اسان جي نوجوان نسل کي خان بهادر حسن علي آفندي جي خدمتن ۽ اهڙين ٻين شخصيتن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجي سنڌ مدرسي سان به وابستگي رهي آهي ڇو ته منهنجي والد صاحب 1913ع ۾ هتان تعليم حاصل ڪئي هئي، تنهن ڪري هن تاريخي اداري ۾ اچي فخر محسوس ڪريان ٿو. مدد علي سنڌي وڌيڪ ته اسان خان بهادر حسن علي آفندي کي وساري ڇڏيو آهي. اسان جي عالمن به کيس نظرانداز ڪيو آهي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ خان بهادر حسن علي آفندي جو آخري گهر انتهائي افسوسناڪ حالت ۾ آهي. مان سنڌ جي هيريٽيج ڪميٽي جو ميمبر به آهيان، ان ڪري اسان آفندي جي آرام گاهه کي هيريٽيج ۾ شامل ڪيو آهي ۽ مون سنڌ ثقافت کاتي کي به چيو آهي ته ان جي تحفظ لاءِ ڪم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.