مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي ) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 280 هين عرس مبارڪ جي تقريبن جو باقاعده افتتاح قانون، مذهبي معاملن ۽ انساني حقن واري نگران صوبائي وزير محمد عمر سومرو ۽ ثقافت واري نگران وزير ڊاڪٽر جنيد شاهه گڏجي مزار تي چادر چاڙهي ڪيو، ملڪ توڙي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري، درگاهه جي اڳڻ ۾ شاهه سائين جي راڳين کان وائي ٻڌي ۽ مستحق عورتن ۾ ڪپڙا ۽ ٻيا تحفا تقسيم ڪيا ويا، ميڊيا سان ڳالهائيندي ثقافت واري نگران وزير ڊاڪٽر جنيد شاهه چيو ته ثقافت کاتي جي ڪوشش آهي ته شاهه سائين جي ڪلام کي قومي نصاب ۾ شامل ڪرايو وڃي ته جيئن سندس آفاقي پيغام اسان جي ٻارڙن تائين پهچي ته جيئن ايندڙ نسل وڌيڪ پيار ۽ محبت سان هڪٻئي سان گڏ گذاري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي نه صرف پاڪستان ۽ سنڌ پر پوري عالم اسلام جو فخر آهي، شاهه سائين جي پيغام ۾ انسانيت سان پيار ۽ محبت جو درس ملي ٿو، شاهه سائين رومي کان گهڻو متاثر هو، موجوده دور ۾ سندس پيغام تي عمل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، ثقافت کاتو سندس پيغام جي پکيڙ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي، هڪ سوال تي نگران صوبائي وزير محمد عمر سومرو چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي وارثن سان ملاقات ڪئي آهي ۽ هڪ ڪروڙ روپين جو چيڪ سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ڪچي مان پاڻي ختم ٿيندي ئي رينجرز ذريعي ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال تي صوبائي وزير چيو ته اسان نگران حڪومت طور آيا آهيون ۽ اسان جو ڪوبه ارادو نه آهي ته گهڻي وقت تائين اقتدار ۾ رهون. بعد ۾ نگران صوبائي وزيرن ثقافت کاتي پاران شاهه جي باغ ۾ لڳايل ثقافتي ڳوٺ جو افتتاح پڻ ڪيو جتي روايتي دهلن ۽ شرنائين جي گونج ۾ سندن آڌرڀاءُ ڪيو ويو، ثقافتي ڳوٺ ۾ اجرڪ، ٽوپي، لونگي، ڪاشي، جنڊي، دنبوري، کان علاوه مختلف ڪتاب گهرن پاران ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن، ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري اوقاف ۽ ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر منور علي مهيسر، سيڪريٽري ڪلچر عبدالعليم لاشاري، ڪمشنر حيدرآباد بلال ميمڻ، ڊي آئي جي پير محمد شاهه، ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر منظور لغاري، ڊائريڪٽر ڪلچر شير محمد مهر، ڊائريڪٽر ڪلچر حبيب الله ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.