ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوت ۾ ملوث ۽ ڪوتاهي ڪرڻ تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪراچي جي ست آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي، ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي محمد ياسين شر بلوچ جي حڪمن تي جاري نوٽيفڪيشن مطابق معطل ڪيل آفيسرن ۾ ايس بي سي اي جا 2 ڊائريڪٽر راشد علي ناريجو ۽ رياض حسين شامل آهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي معطل ڪيل آفيسرن ۾ ٻه ايڊيسنل ڊآئريڪٽر انجينئر محمد آصف شيخ ۽ انجنيئر سمي شيخ ۽ 3 ٻيا ملازم انجنيئر شهريار مقصود سيد ڪامران حسين ۽ محمد يعقوب شامل آهن، معطل آفيسرن کي ايس بي سي اي هيڊڪوارٽر جي ايڊمنسٽريشن سينٽر رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.