ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چئيرمين صعنان قريشي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ سنڌ امن ۽ رواداري واري ڌرتي آھي پر ھٿ وٺي ڌاڙيل، ڪرپٽ سياستدان ۽ منشيات فروش پيدا ڪري سنڌ جو امن تباھ ڪيو پيو وڃي، ھٿرادو مھنگائي ڪري عوام کي ذھني مريض بنايو ويو آھي، ھن چيو تہ اسان وٽ حق سچ لکندڙ قلمڪارن کي شھيد ڪيو پيو وڃي معصوم ٻارڙن سان زيادتي ڪري کين قتل ڪرڻ واري روش سنڌ جي ناھي رھي، ھن چيو تہ ساحلي ۽ ڪوھستان پٺي کي ڌارين جي حوالي ڪري ھڪ منظم سازش ڌارين جون ڪالونيون ٺاھي صدين کان آباد ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل انتھائي خطرناڪ آھي ان خلاف سنڌ جو ماڻھون منظم ٿي سگھاري جھدوجھد جو آغاز ڪري، ھن چيو تہ سنڌ وسيلن سان مالا مال آھي پر سنڌ جو عوام ٻہ ويلا ماني لا۽ پريشان آھي، ھن چيو تہ اليڪشن مئسلي جو حل ناھي پر ايماندار ۽ ڌرتي دوست نمائندہ ضروري آھن پر اسان وٽ جيڏو وڏو ڪرپٽ آھي ايترو وڏو عھدو مليس ٿو، سنڌ ھن وقت انتھائي نازڪ دور مان گذري رھي آھي، بنا جواز غريب مسڪينن کي قتل ڪيو پيو وڃي، سنڌ کي يتم خانو بنايو ويو آھي، مھانگائي سبب ماڻھن جو جئيڻ جنجال بڻجي ويو آھي، اسپتالن جي حالت زار آھي، اسپتال ايندڙ مريض دوائون نہ ملڻ سبب تڙپي تڙپي مري رھيا آھن، ھن چيو تہ سنڌ جي سامونڊي ۽ ڪوھستاني پٽي تي انھن بااثرن جي نظر آھي. منشيات عام آھي، نوجوانن جو زندگيون زھر ٿي رھيون آھن، نياڻين سان ناانصافين جي انتھا آھي، بحريا سميت ٻين ميگا رٿائن سبب اسان جي پيرن ھيٺيان زمينون ڪڍيون پيون وڃن، مقامي ماڻھن جا قديم ڳوٺ آھن، ترقي جي آڙ ۾ کين بيدخل ڪرڻ جي سارش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي ماڻھن جي ويساھ کي لتاڙيو پيو وڃي، ڪارونجھر سميت قديم ماڳ اسان جي تاريخي سڃاڻپ آھن، ڪارونجھر، موئن جي دڙي ۽ مڪلي کي وڌيڪ خوبصورت بنايو وڃي جئين ھتي ٻاھريان سياح گھمڻ اچن، بدامني لاقانونيت کي ختم ڪيو وڃي.معصوم ٻارن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، گھوٽڪي ۾ ڌاڙيل رڻ ٻاري ڏنو آھي، ان موقعي بابو خشڪ، نظام جوکيو، غلام نبي کٽي، انور جاکرو، سيد اعجاز شاھ ڀاڏائي ۽ ٻيا موجود ھئا