ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ آفيسرن جي بدلين تي نگران سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ تڪرار شروع ٿي ويو، اليڪشن ڪميشن نگران سنڌ حڪومت کي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آئي جيز، ايس ايس پيز ۽ ٻين آفيسرن جون بدليون نه ڪرڻ تي خط لکي ڇڏيو هن وقت تائين آفيسرن جي بدلين جي ڪا لسٽ فراهم ڇو ناهي ڪئي وئي ٻئي پاسي نگران سنڌ حڪومت ان تي مڪمل خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، ذريعن اها به دعويٰ ڪئي ته هن وقت چونڊن جي شيڊول جو اعلان ناهي ڪيو ويو جيستائين اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جو اعلان نٿو ڪري تيستائين آفيسر ڪم ڪري سگهن ٿا، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس اليڪشن ڪميشن کي پڻ خط لکي چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت وڃڻ کا پوءِ رڳو آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کي تبديل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ٻيا آفيسر سنڌ حڪومت جا لڳايل آهن جن جون هن وقت تائين بدليون ناهن ڪيون ويون اليڪشن ڪميشن ان ڏس ۾ پنهنجي آئيني اختيارن جو استعمال ڪري آفيسرن جي بدلين کي يقيني بڻائي.