ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ريزڪي دڪاندارن ڪراچي ۾ کير جو وڪرو بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڪمشنر ڪراچي کان مطالبو ڪيو آھي ته ھو سندن جائز مطالبن کي ٻڌي ۽ انھن کي حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ مھانگو کير خريد ڪري سستو نٿا وڪرو ڪري سگھون، دڪاندارن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کانپوءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، صدر آل ڪراچي ريٽريلر کير ويلفييئر ايسوسيئيشن حافظ محمد نثار گدي چيو ته گذريل ٽن ڏھاڪن کان ڪراچي جي شھرين کي خالص مينھن جو کير پھچائي رھيا آھيون، ٻن مهينن کان مينھن جي واڙن وارا کير مھانگو ڏين پيا، اسان سستو ڪيئن کپايون، اسان ڪمشنر ڪراچي کي درخواستون ڪري چڪا آھيون ته کير جي قيمتن تي نظرثاني ڪئي وڃي، سرڪاري آفيسرن پاران معاملي کي حل ڪرڻ بدران اسان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي، گذريل ٻن مھينن کان نقصان شھرين جي مفاد خاطر برداشت ڪيو آھي جيڪو وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگھجي، ھنن اڄ جمعي ڏھاڙي کان شھر ۾ کير جي سپلائي بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڪمشنر ڪراچي کان مطالبو ڪيون ٿا ته ھو سندن جائز مسيئلن کي حل ڪري.