ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جبران ناصر ۽ سندس گهرواريءَ کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جبران ناصر ۽ سندس گهرواري منشا پاشا کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ وارو قدم غير قانوني قرار ڏنو ويو، ناليواري وڪيل جبران ناصر پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 23 جون تي گهر ڀاتين سان گڏ عيد جون موڪلون گهارڻ لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو هو ته کيس روڪيو ويو، اميگريشن ڊيسڪ تي ٻڌايو ويو ته توهان جي ٻاهر وڃڻ تي پابندي آهي، اسان جو سامان به آف لوڊ ڪيو ويو، ان کان اڳ پهرين جون تي اڻڄاتل ماڻهن اغوا ڪيو هو، عدالت جبران ناصر ۽ سندس گهر واري کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.