ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مشهور مذهبي اسڪالر علامه شھنشاھ حسين نقوي جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، مراد علي شاهه پاران شهنشاهه نقوي جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي بلند درجات لاءِ دعا ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي تعليم کاتي شاگرد تي جسماني سزا جو نوٽيس ورتو
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي اسڪول ۾ شاگرد تي جسماني سزا جو نوٽيس وٺندي جسماني سزائن تي پابندي مڙهي ڇڏي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز پروفيسر رفيعه ملاح خانگي اسڪولن جي انتظاميه کي پيغام جاري ڪري ڇڏيو، خانگي اسڪولن کي جاري ڪيل پيغام مطابق سزائن جي حوالي سان والدين پاران تمام گهڻون شڪايتون ملي رهيون آهن، اسڪولن جي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ ۾ جسماني سزا تي پابندي جو شرط هوندو، شاگرد کي جسماني سزا ڏني وئي ته اسڪول جي رجسٽريشن معطل ٿيندي.
سنڌ ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت ۽ نقشن تي پابندي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ رهائشي، ڪمرشل ۽ گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت ۽ نقشن تي پابندي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، مڪاني کاتي واري نگران وزير مبين جماڻي هر قسم جي اڏاوت تي مڪمل پابندي مڙهي هئي، حڪم جي 7 ڏينهن بعد پابندي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، گذريل ڏينهن مڪاني کاتي جي سيڪريٽري پاران پابندي ختم ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي هئي.