اسلام آباد(م ڊ)اي اين پي اڳواڻ ايمل ولي خان جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ دير جو ماحول ڳوليو پيو وڃي، غير سياسي عنصر چونڊون ملتوي ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جي ڪوشش آهي ته چونڊن ۾ دير نه ٿئي، هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ هن نگران وزيراعظم کي ڪٺ پتلي قرار ڏيندي چيو ته انوار الحق ڪاڪڙ جي مقرري شهباز شريف ۽ راجا رياض جي غلطي آهي.نگران وزيراعظم وٽ اختيار ناهن،هن سوال اٿاريو ته استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز (پي ٽي آءِ پي) جهڙيون پارٽيون ڪير ٺاهي رهيو آهي؟ايمل ولي خان دعويٰ ڪئي ته هن وقت ڪو به غير جانبدار ناهي، لڳي ٿو ته اسان کي استحڪام پاڪستان کان سايه خدائي ذوالجلال تائين پارٽيون ٺاهڻيون آهن. چونڊيل نمائندن کي فون ڪري پرويز خٽڪ جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو چيو ويو، اهڙي صورت ۾ شفاف چونڊون نه ٿي سگهنديون،هن چيو ته چونڊن ۾ دير جو سبب ماحول بڻائڻ جو وقت ڏيڻ آهي،سي سي آءِ ۾ جعلي آدم شماري جي منظوري ڏني وئي.