ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ کير ٿر نيشنل پارڪ ختم ڪري هائوسنگ اسڪيم ٺاهڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سنڌ سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا، عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو، عدالت ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ پنهنجو بيان حلفي جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته کيرٿر پارڪ جي زمين ڪنهن کي الاٽ نه ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس چيف سيڪريٽري سنڌ کي چيو ته اوهان واضع ڪريو ته سنڌحڪومت جو موقف ڇا آهي، چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن کي زمين نه ڏئي آهي، عدالت چيو ته ڇا مستقبل ۾ هي زمين ڪنهن کي ڏيڻ جو ارادو آهي، چيف سيڪريٽري چيو ته قانون جي موجب سنڌ حڪومت زمين ڪنهن نٿي ڏئي سگهي، سنڌحڪومت پاران ڪمشنر حيدر آباد جي رپورٽ جمع ڪرائي وئي، کير ٿرنيشنل پارڪ جي زمين بلڊر کي ڏيڻ خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.