ڪراچي (رپورٽر) وڪيل برادري به موجوده صورتحال کان پريشان ٿي وئي، وڪيلن طرفان جنرل باڊي اجلاس کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ وڪيلن طرفان ڪي اليڪٽرڪ خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي، پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدرسليم مڱريو ۽ جنرل سيڪريٽري عامر وڙائچ ۽ ٻين وڪيلن جو چوڻ آهي ته عوام کي وڌيڪ ريليف ڏيڻ گهرجي، مهانگائي حد کان وڌيڪ ٿي وئي آهي، هنن چيو ته پيٽرول سميت ٻين شين تان سبسڊي ختم ڪري عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي، وڪيلن جو چوڻ آهي ته فضول ٽيڪسن کي ختم ڪيو وڃي، هنن چيو ته اسان جنرل باڊي اجلاس ڪيو آهي ريلي ڪڍي آهي ايندڙ جو لائحه عمل ڪابنيا جي مشاورت سان ڪنداسين .