ٽنڊو محمد خان جي اسپتال ۾ عورت سان مبينا انجيڪشن لڳائي زيادتي

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ: اويس حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتال ۾ 25 سالن عورت سان مبينه لڄالٽ جو واقعو  پيش آيو،  ڊسپينسر عورت کي بيهوشي جي انجيڪشن لڳائي زيادتي ڪئي ، اسپتال انتظاميه واقعي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتال ۾ مبينه طور 25 سالا عورت سيما سومرو سان اسپتال جي اندر ڊسپينسر علاج جي دوران بسترو ڀير ٿيل عورت کي نشي واري انجيڪشن لڳائڻ کانپوءِ زيادتي جو شڪار بڻائي پاڻ اسپتال مان گم ٿي ويو، هوش اچڻ تي عورت پنهنجي مٽن مائٽن کي واقعي بابت آگاهي ڏني ته ڊسپينسر مون کي نشي واري انجيڪشن لڳائي مون سان لڄالٽ ڪئي آهي جنهن جي بعد وارثن خانگي اسپتال مان پنهنجي نياڻي کي 1122 ايمبولينس کي طلب ڪري حيدرآباد جي اسپتال کڻائي وئي، جنهن بابت عورت پڻ ايمبولينس ۾ صحافين کي پاڻ ٻڌايو ته مون سان لڄالٽ ٿي آهي، مون کي انجيڪشن لڳائي بيهوش ڪري لڄالٽ ڪئي وئي آهي ، جڏهن ته خانگي اسپتال جي انتظاميه واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته اهڙو ڪو به واقعو پيش نه آيو آهي، ڄاڻايل عورت اسپتال ۾ نازڪ حالت ۾ داخل ٿي هئي جيڪا پيٽ سان هئي، جنهن جي لڳايل الزام ۾ ڪا به صداقت ڪونهي ، سي سي ٽي وي ڪئمرا ۾ واقعي بابت ڪا به تصديق نه ٿي آهي، ٻي طرف ٽنڊو محمد خان جي ليڊيز پوليس واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪندي چيو ته اسان وٽ اهڙي ڪا به رپورٽ داخل نه ٿي آهي جنهن جي ڪري اسان کي ان بابت ڪا به خبر ڪونهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.