سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ايم سڪس موٽر وي تي ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم

سکر(رپورٽ: آزاد مهر) سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران ايم سڪس موٽروي جو ڪم شروع نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڪم شروع ڪرڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌهاءڪورٽ سکر بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ وڪيل خان محمد سانگي جي درخواست جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران اين ايڇ اي جا عملدار پيش ٿيا وڪيل خان محمد سانگي جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم باوجود اين ايڇ اي هن مهل تائين ايم سڪس موٽروي جو ڪم شروع نه ڪرڻ سبب حادثن ۾ انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن . جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريماڪس ۾ چيو ته اين ايڇ اي هن مهل تائين گڊ نيوز ناهي ڏني . ايم سيڪس موٽروي اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي ڪرپشن ڪندڙ ڊپٽي ڪمشنر وڏن ماڻهن جو ماڻهو آهي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريماڪس ۾ وڌيڪ چيو ته مان 2020 ۽ 2021 ۾ سوچيندو هيس ته جڏهن منهنجو سنڌ هاءڪورٽ سکر جي مقرري جو ٽائيم پيرڊ ايندو ته ايم سيڪس تان ويندس هاڻي ايم سڪس منهنجي وقت ۾ ٺهندي نظر نٿو اچي .عدالت اين ايڇ اي عملدارن کي 5 آڪٽوبر تي ايم سيڪس موٽروي جو ڪم شروع ڪري رپورٽ ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.