ڪراچي/شڪارپور (رپورٽر+ڊ ر) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق ملڪ ۾ آئين جي گهرج موجب 90 ڏينهن ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن، عدليه ۽ اسٽيبلشمنٽ کي غير جانبدار رهڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اڄ شاه عبداللطيف ڀٽائي، سچل، سامي ۽ لعل شهباز قلندر جي ڌرتيءَ سنڌ کي بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جو مرڪز بڻايو ويو آهي، پيپلزپارٽي جو ٻيو نالو “ انڌيرنگري چرٻٽ راڄ، ڪرپشن ۽ ڌاڙيل راڄ” آهي جنهن سنڌ جي عوام سان انصاف بدران ظلم ۽ بي انصافي جي نئين تاريخ لکي آهي. گذريل 15 سالن ۾ هتان جو عوام عدم تحفظ جو شڪار رهيو، راڻي پور جي معصوم فاطمه ڦُرڙو جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ معصوم ٻار، نياڻيون هر وقت رهزنن ۽ ڌاڙيلن جي نشاني تي آهن، ڪٿي وئي سنڌ جي غيرت، تهذيب ۽ حڪومت؟ اڄ سنڌ ۾ مٿي سان ڪفن ٻڌي ميدان ۾ نڪتا آهيون اهڙن ظالمن کي پنهنجي انجام تائين پهچائي پوءِ ساهه پٽينداسين. عوام بجلي جي ظالماڻين بلن خلاف 02 سيپٽمبر تي جماعت اسلامي جي اعلان ڪيل ملڪ گير هڙتال کي ڪامياب ڪري ظالم ۽ جابر حڪمرانن خلاف ٻڌي جو ثبوت ڏي.اھڙن خيالن جو اظهار ھن گھنٽاگھر لکي دروٽ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف رٿيل ڌرڻي کي خطاب دوران ڪيو. ھن کان اڳ۾ رستم موڙ کان گھنٽاگھر چوڪ تائين امن مارچ ڪيو ويو.جنھن ۾ جماعتي ڪارڪن کا سواءِ شھر جا سياسي ، سماجي اڳواڻ وڪيلن سميت سوين ماڻھو شريڪ ھئا. ڌرڻي کي مرڪزي اڳواڻ اسدالله ڀٽو، صوبائي امير محمد حسين محنتي، نائب ممتاز حسين سھتو،ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي پڻ خطاب ڪيو. شرڪاء امن کپي امن کپي، ڌاڙيل راڄ ختم ڪريو جا نعرا ھنيا. ان کان اڳ سراج الحق سکر هاءِ ڪورٽ بار ۽ مهراڻ مرڪز ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي خطاب ۽ درگاهه هاليجي شريف پهچي جي يو آءِ سنڌ جي اڳوڻي امير مولانا عبدالصمد هاليجوي جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي.