حويلي ۾ سام طور ڏنل ثنا گراماڻي جي اغوا جو ڪيس داخل، پير سهيل شاهه گرفتار

راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) ٻه سال اڳ پيرن جي حويلي ۾ سام طور ڏنل ناري ثناءِ گراماڻي جي گم ٿيڻ جو ڪيس راڻيپور ٿاڻي ته  پير سهيل شاهه سميت ڇهن ڄڻن مٿان سندس پيءُ ديدار گراماڻي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، پير سهيل شاھ گرفتار ٿي ويو، ٻه سال اڳ پيرن جي حويلي ۾  ڏنل سام طور ڏنل ناري ثناءِ گراماني جي گم ٿيڻ جو ڪيس راڻيپور ٿاڻي ته ڇهن ڄڻن مٿان سندس پي ديدار گراماڻي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، پير سهيل شاھ کي پوليس  گرفتار ڪري ورتو آھي فريادي ديدار گراماڻي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته نياڻي ثناءِ جي شادي منهنجي ڀاڻيجي سان ٿي هئي گھر جي رشتن جي ڪري هو ڪاوڙجي پئي، گھرواري ۽ مهنجو پٽ دلدار اسان جي ابن ڏاڏن جي مرشد سيد سهيل شاهه جن وٽ سام طور ڇڏي آيا، اها خبر ٻڌي ته مان پنهنجي امڙ کي ساڻ ڪري راڻيپور مرشدن سيد سهيل شاهه جن وٽ آيس، ڌيءَ کي هلڻ جو چيو پر سهيل شاهه وارن چيو ته اسان وٽ آمريڪا کان مهمان آيا آهن ڪجھه ڏينھن ڇڏي وڃو يا ڇوڪري جي ماءُ کي و ٺي اچو، 20 ڏينھن کانپوءِ سهيل شاهه جي ڀاءُ شابي سائين فون ڪري ٻڌايو ته ثناءِ گھر کان نڪري وئي آهي، ڌيءَ کي يا قتل يا اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڏي وزير جي حڪم تي هن ڪيس جي انڪوائري هلندڙ هئي سهيل شاهه کي پڻ پوليس گرفتار ڪري ورتو.

فاطمه ڪيس ۾ ڪا انجنيئرنگ يا فڪسنگ ٿي رهي آهي؟ فهميده ياض

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي فاطمه ڦرڙو سان انصاف لاءِ آواز اٿارڻ جو سلسلو جاري آهي،فهميده رياض سهيل لکيو ته فاطمه ڦورو سان زيادتي ۽ قتل ڪيس جي ڊي اين اي رپورٽ، حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ، سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فرانزڪ رپورٽ ڇو سامهون نه اچي سگهي آهي، ڪا انجنيئرنگ يا فڪسنگ ٿي رهي آهي؟، اسد شاهه جي گرفتاري تي سوشل ميڊِل وٺندڙ پوليس جي جاچ گونگي ٻوڙي ٿي وئي ڇا؟ ايم عدنان لکيو ته  عدالت ڪيترا ڀيرا جسماني رمانڊ ڏنو پر جاچ ۾ نااهلي ثابت ٿي آهي، جوابدار جي زال حنا شاهه ۽ سندس پيءُ فياض شاهه کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

اسد شاهه ۽ سهولتڪار جي رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو) فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه ۽ سھولتڪار امتياز ميراسي کي دھشتگردي جي انت واري  عدالت جي جج 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس جي مک جوابدار پير اسد شاهه جي ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم شامل ڪري ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ھلائڻ جي درخواست ڪئي وئي ھئي راڻيپور جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ پاران درخواست منظور ڪندي ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ۾ منتقل ڪيو ويو ھو، جوابدار کي واقعي جي جاچ آفيسر بچل قاضي عدالتن ۾ پيش ڪري 14 ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت جوابدار کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي معصوم فاطمه ڦرڙو ڪيس جي وڪيل صفدر ڪناسرو چيو آهي ته فاطمه قتل ڪيس ۾ پوليس جي بدنيتي ظاهر ٿي رهي آهي، موبائل فون جو پن ڪوڊ ڪو وڏو اشو نه آهي، پوليس جي جاچ مان مطمئن نه آهيون، جوابدار اسد شاهه کي لاڪ اپ ۾ مهمانن جيان رکيو ويو آهي، ٽائيم ضايع ڪري ڪيس خراب ڪيو پيو وڃي، پوليس ناڪام ٿي وئي آهي، هن وقت تائين جوابدار کان ڪابه ڄاڻ ۽ موبائل فون جو پن ڪوڊ حاصل ناهي ڪري سگهي.

فاطمه جي سمورن جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي: نفيسه شاهه

راڻيپور (ن ع آ) پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي ۽  قومي اسيمبلي ميمبر سيد نفيسه شاهه خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ پھچي  راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ڪيل 10 ورهين جي نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت  ڪئي، ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته فاطمه ڦرڙو وارو واقعو انتهائي  ڏکائيندڙ آهي، ان ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سخت سزا ڏني وڃي، هن گهر ڪئي ته فاطمه ڦرڙو جي وارثن کي تحفظ ڏئي سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته فاطمه ڦرڙو جو قتل ھڪ انسان جو نه پر سڄي انسانيت جو قتل  آھي، هي جيءُ جھوريندڙ واقعو آھي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گھٽ آھي، فاطم ڦرڙو جا والدين نھايت غريب ۽ مسڪين ماڻھو آھن انھن جي مدد لاءِ مان نگران حڪومت کي خط لکنديس ته سندن مدد ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.